اسلام آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ جهڙائي رهڻ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ موسم شديد ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي. گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ مٿانهين خيبرپختونخوا ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات، جبلن تي هلڪي برف باري ٿي سگهي ٿي، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙو جڏهن ته صبح …
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ جهڙائي رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو
اسلام آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ جهڙائي رهڻ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ موسم شديد ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي. گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ مٿانهين خيبرپختونخوا ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات، جبلن تي هلڪي برف باري ٿي سگهي ٿي، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙو جڏهن ته صبح ۽ رات جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي ڌنڌ پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌي رهي. گذريل ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ کان گهٽ گرمي پد ليه ڪاٽو 9، اسڪردو ڪاٽو 7، زيارت ڪاٽو 6، گوپس ڪاٽو 5، گلگت، ڪوئيٽا ڪاٽو 4، چترال، دير ۽ قلات ۾ ڪاٽو 3 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











