سنڌ جي گورنر سان آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر ٽموٿي ڪين جي ملاقات

ڪراچي- 04 ڊسمبر (اي پي پي) آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر ٽموٿي ڪين گورنر هائوس ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان هڪ اهم ملاقات ڪئي. گورنر هائوس جي ترجمان موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، سيڙپڪاري ۽ واپار سميت مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. هاءِ ڪمشنر چيو ته گورنر انيشيئيٽوز تحت مفت آءِ ٽي تعليم جي فراهمي هڪ ساراهه جوڳو قدم آهي. آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر اميد جي گھنٽي …

ڪراچي- 04 ڊسمبر (اي پي پي) آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر ٽموٿي ڪين گورنر هائوس ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان هڪ اهم ملاقات ڪئي. گورنر هائوس جي ترجمان موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، سيڙپڪاري ۽ واپار سميت مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. هاءِ ڪمشنر چيو ته گورنر انيشيئيٽوز تحت مفت آءِ ٽي تعليم جي فراهمي هڪ ساراهه جوڳو قدم آهي. آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر اميد جي گھنٽي کي وڄائيندي پنهنجي خوشگوار تعجب جو اظهار ڪيو. گورنر چيو ته اميد جي گھنٽي تحت حاصل ٿيندڙ 81 سيڪڙو درخواستون حل ڪيون ويون آهن. ملاقات ۾ زرعي ٽيڪنالاجي، تجديد جوڳي توانائي، آءِ ٽي ۽ معدني وسيلن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گورنر چيو ته پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ايس آءِ ايف سي جي بهترين سهولت پاڪستان ۾ سيڙپڪارن جو اعتماد وڌائي رهي آهي. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر قائداعظم جي تاريخي آفيس جو دورو ڪيو ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات قلمبند ڪيا.

مزید خبریں