پشاور ۾ ايف سي هيڊڪوارٽر تي آپگهاتي حملو، 3 اهلڪار شهيد، جوابي ڪارروائي ۾ 2 حملو ڪندڙ مارجي ويا

پشاور-24 نومبر(اي پي پي) پشاور ڪينٽ ۾ واقع فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) هيڊ ڪوارٽر جي گيٽ تي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ 3 اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن.سي سي پي او پشاور ڊاڪٽر ميان سعيد احمد مطابق پوليس، فيڊرل ڪانسٽيبلري ۽ پاڪ فوج جي ڪمانڊوز انتهائي بهادري جو مظاهرو ۽ وقت تي جوابي ڪارروائي ڪندي حملو ڪندڙ 02 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. واقعي واري هنڌ ڪليئرنس آپريشن جاري …

پشاور-24 نومبر(اي پي پي) پشاور ڪينٽ ۾ واقع فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) هيڊ ڪوارٽر جي گيٽ تي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ 3 اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن.سي سي پي او پشاور ڊاڪٽر ميان سعيد احمد مطابق پوليس، فيڊرل ڪانسٽيبلري ۽ پاڪ فوج جي ڪمانڊوز انتهائي بهادري جو مظاهرو ۽ وقت تي جوابي ڪارروائي ڪندي حملو ڪندڙ 02 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. واقعي واري هنڌ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. سي سي پي او پشاور ڊاڪٽر ميان سعيد چيو ته سنهري مسجد روڊ تي فيڊرل ڪانسٽيبلري جي هيڊ ڪوارٽر تي حملي سبب صدر روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. ڌماڪو صبح جو 8 لڳي 10 منٽن تي ٿيو. آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. ڌماڪو ايترو زوردار هو جو ان جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو. آپگهاتي ڌماڪي بعد فائرنگ جو آواز پڻ ٻڌو ويو جڏهن ته روڊ ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.علائقي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي ۽ وڌيڪ نفري موقعي تي پهچي وئي آهي. ان سان گڏو گڏ ريسڪيو ٽيمون به موقعي تي پهچي ويون. پشاور ڪينٽ مرڪزي سنهري روڊ ۽ ايف سي روڊ کي ٻنهي پاسن کان بند ڪيو ويو آهي. ايف سي هيڊ ڪوارٽر کي ڪليئر ڪرڻ تائين صدر روڊ تي ٽريفڪ جي رواني معطل رهندي. ان دوران بي آرٽي سروس به عارضي طور تي معطل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته شهرين کي به سيڪيورٽي ادارن سان سهڪار ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. آءِ جي خيبرپختونخواهه پوليس ذوالفقار حميد ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊ ڪوارٽر صدر پشاور ۾ 2 آپگهاتي ڌماڪا ٿيا، هڪ ڌماڪو مين گيٽ ۽ ٻيو ڌماڪو گيٽ اندر موٽر سائيڪل اسٽينڊ تي ٿيو. آءِ جي پوليس ٻڌايو ته حملو ڪندڙ 02 دهشتگرد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران مارجي ويا آهن. پوليس ڌماڪي واري هنڌ موجود آهي ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. سي سي پي او ٻڌايو ته آپگهاتي حملو ڪندڙ 3 دهشتگردن فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊ ڪوارٽر تي حملو ڪيو، هڪ آپگهاتي بمبار پاڻ کي مرڪزي گيٽ تي اڏائي ڇڏيو جڏهن ته آپگهاتي حملو ڪندڙ 02 دهشتگرد فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊ ڪوارٽر اندر داخل ٿيا. سي سي پي او پشاور ميان سعيد ٻڌايو ته فيڊرل ڪانسٽيبلري جي اهلڪارن حملو ڪندڙ ٻنهي دهشتگردن تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ٽئي آپگهاتي حملو ڪندڙ مارجي ويا آهن. فيڊرل ڪانسٽيبلري جي جوانن بهادري سان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو، آپگهاتي حملي ۾ ايف سي جا 03 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن. اسپتال جي ذريعن مطابق حملي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. حملي ۾ 2 اهلڪار ۽ 3 شهري زخمي ٿيا آهن، سمورن زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ سندن حالت بهتر آهي .ڊپٽي ڪمانڊنٽ فيڊرل ڪانسٽيبلري جو چوڻ آهي ته قانون لاڳو ڪندر ادارن جي اهلڪارن علائقي جو ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.

مزید خبریں