خيبرپختونخوا جي وڏي وزير  پاران پشاور ۾ ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي دهشتگرد حملي جي مذمت

پشاور -24 نومبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي گذريل ڏينهن پشاور ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊ ڪوارٽرز تي دهشتگردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي آءِ جي پوليس خيبر پختونخوا کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعليٰ هائوس پشاور جي ترجمان موجب وڏي وزير زخمين کي فوري ۽ بهترين طبي سهولتن جي فراهمي جون هدايتون جاري ڪيون. وڏي وزير چيو ته جوانن …

پشاور -24 نومبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي گذريل ڏينهن پشاور ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊ ڪوارٽرز تي دهشتگردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي آءِ جي پوليس خيبر پختونخوا کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعليٰ هائوس پشاور جي ترجمان موجب وڏي وزير زخمين کي فوري ۽ بهترين طبي سهولتن جي فراهمي جون هدايتون جاري ڪيون. وڏي وزير چيو ته جوانن بهادري سان وڏي تباهي کان بچائي ورتو آهي، اهو حملو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي، دهشتگردن جو ڪو به مذهب ناهي، ان قسم جي بزدلاڻن حملن سان اسان جا حوصلا ڪمزور نٿا ٿي سگهن.  هن چيو ته شهيد اسان جو فخر آهن، سندن قرباني ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، ملوث عنصرن کي انجام تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته دهشگردي خلاف جنگ وڌيڪ مضبوط عزم سان جاري رهندي، امن جي قيام ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا، هن چيو ته صوبائي حڪومت پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ بيٺل آهي. وڏي وزير شهيد اهلڪارن جي ايصال ثواب ۽ پونئرن جي صبر لاءِ دعا پڻ ڪئي.

مزید خبریں