ڪراچي-21 نومبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏيل قومن جي فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن (ايف اي او) جي هڪ وفد سي ايم هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن جي اڳواڻي ڊائريڪٽر لينڊ اينڊ واٽر ڊويزن مسٽر ليفينگ لي ڪري رهيا هئا ته جيئن صوبي ۾ اهم زرعي ۽ آبهوا جي حوالي سان قدمن تي ٿيندڙ ترقي جو جائزو وٺي سگهجي.وڏي وزير جي ترجمان موجب ايف اي او …
سنڌ جي وڏي وزير سان گڏيل قومن جي فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن جي هڪ وفد جي ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي-21 نومبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏيل قومن جي فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن (ايف اي او) جي هڪ وفد سي ايم هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن جي اڳواڻي ڊائريڪٽر لينڊ اينڊ واٽر ڊويزن مسٽر ليفينگ لي ڪري رهيا هئا ته جيئن صوبي ۾ اهم زرعي ۽ آبهوا جي حوالي سان قدمن تي ٿيندڙ ترقي جو جائزو وٺي سگهجي.وڏي وزير جي ترجمان موجب ايف اي او جي عملدارن ۾ ايشيا واٽر آفيسر وليد حسن ابوئيل، سينيئر واٽر اينڊ لينڊ آفيسر ڊاڪٽر روبينه وهاج، ايف اي او پاڪستان اِن-چارج جيمز رابرٽ اوڪوٿ ۽ ڪنٽري پروگرام هيڊ مس آمنه باجوه شامل هئا. بحث ۾ سنڌ اندر خوراڪ جي تحفظ ۽ موافقتي صلاحيت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ جاري منصوبن تي رهيو. وڏي وزير ۽ ايف اي او جي وفد بين الاقوامي ڀائيوارن جي سهڪار هيٺ هلندڙ وڏن منصوبن جي صورتحال جو جائزو ورتو. گروٿ فار رورل ايڊوانسمينٽ اينڊ سسٽينبل پروگرس 48 ملين يورو جو اي يو-فند ٿيل پروجيڪٽ جيڪو 11 ضلعن (جن ۾ سجاول، ٺٽو، ميرپورخاص ۽ حيدرآباد شامل آهن) ۾ نافذ ٿي رهيو آهي. ان جو مقصد باغباني ۽ لائيو اسٽاڪ جي ويليو چينز ۾ ايم ايس ايم ايز ۽ ايگري بزنسز کي مضبوط ڪري غربت گهٽائڻ ۽ ديهي روزگار بهتر ڪرڻ آهي. ٽرانسفارمنگ دي انڊس بيسن وِٿ ڪلائميٽ-ريزينٽ ايگريڪلچر اينڊ واٽر مينيجمينٽ: 47.69 ملين ڊالرن جو منصوبو، جيڪو عمرڪوٽ، بدين ۽ سانگهڙ تي ٻڌل آهي جنهن جو مقصد انڊس بيسن جي زراعت کي ڊيٽا تي ٻڌل، آبهوا-موزون ماڊل ڏانهن منتقل ڪرڻ آهي جنهن مان 2 لک کان وڌيڪ گهر ڀاتين کي فائدو ملندو. اسٽرينگٿننگ ريزيلينس آف ايگرو-پاسٽورلسٽس اِن سنڌ، 3.5 ملين ڊالرن جو منصوبو جيڪو ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ۾ هلندڙ آهي جنهن جو مقصد مختلف ڏکين حالتن جن ۾ ڏُڪار ۽ ٻوڏون شامل آهن، سبب متاثر ٿيندڙ برادري جي روزگار جي سلامتي ۽ لچڪ وڌائڻ آهي. انڊس بيسن پروجيڪٽ، فوڪسڊ ٽيڪنيڪل اسسٽنس،ايف اي او جي وفد خاص طور تي ٽرانسفارمنگ دي انڊس بيسن منصوبي لاءِ جاري ٽيڪنيڪل اسسٽنس تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪو 19.59 ملين ڊالرن جو منصو بو آهي، گڏيل فنڊنگ گرين ڪلائميٽ فنڊ (14.9 ملين ڊالر) ۽ سنڌ حڪومت (4.69 ملين ڊالر) ڪري رهيا آهن. هي منصوبو 2020–21 کان 2025–26 تائين بدين، سانگهڙ ۽ عمرڪوٽ ۾ هلي رهيو آهي جيڪو هنن ٽن بنيادي جزن تي ٻڌل آهي: انفارميشن سروسز کي بهتر ڪرڻ: واٽر اڪائونٽنگ سسٽم ۽ اي ٽي بنياد واٽر مينيجمينٽ سسٽم جهڙا جديد اوزار تيار ڪرڻ ۽ قومي پورٽل ذريعي آبهوا، پاڻي ۽ زراعت جي ڊيٽا تائين رسائي بهتر ڪرڻ. آن-فارم ڪلائميٽ ريزيلينس ٺاهڻ: ھارين ۽ ايڪسٽينشن ورڪرن کي ٽريننگ ڏيڻ، آبهوا-موزون طريقن کي هٿي ڏيڻ ۽ ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ جي صلاحيت وڌائڻ. ايبلنگ اينوائرونمينٽ ٺاهڻ: 6.25 ملين ماڻهن کي هدف بڻائيندي آگاهي مهم هلائڻ ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي پاليسي سپورٽ فراهم ڪرڻ. وڏي وزير ايف اي او جي ٽيڪنيڪل سپورٽ جي تعريف ڪئي جيڪا سنڌ جي آبهوا لچڪ ۽ زرعي پيداوار کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڪري رهي آهي ۽ مستقبل ۾ پاڻي جي مينيجمينٽ، زمين جي نگراني ۽ موافقتي زراعت جي حوالي سان وڌيڪ سهڪار جي ڀليڪار ڪئي. مسٽر ليفينگ لي سنڌ جي زرعي جديدڪاري لاءِ ڊيٽا تي ٻڌل طريقن ۽ صلاحيت وڌائڻ ذريعي ايف اي او جي عزم کي ٻيهر ظاهر ڪيو. سمورن جزن جي مڪمل تياري کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٻنهي ڌرين اتفاق ڪيو ته ٽرانسفارمنگ دي انڊس بيسن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ واري مدت ۾ هڪ سال واڌ ڪئي ويندي. ملاقات جي پڄاڻي سنڌ ۾ ڪلائميٽ-سمارٽ زراعت ۽ پائيداري لاءِ وڌيڪ تعاون جي واعدي تي ٿي.ملاقات ۾ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ جو وزير ۽ آبپاشي ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجَم شاهه، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري ايگريڪلچر زمان ناريجو، سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو ۽ ٻيا شامل هئا.











