سنڌ جي گورنر پاران آسٽريا جي قومي ڏينهن جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت

ڪراچي-21 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري آسٽريا جي قومي ڏينهن جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي آسٽريا جي نئين سفير وولف گانگ اوليور گچيرا ۽ اعزازي قونصل جنرل ڊاڪٽر حسين اسلام گورنر جو مانائتو آڌرڀاءُ ڪيو.گورنر آسٽريا جي قيادت ۽ عوام کي قومي ڏينهن جي مناسبت سان دلي واڌايون ڏنيون ۽ نئين مقرر ٿيل سفير کي سندس ذميداري سنڀالڻ تي …

ڪراچي-21 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري آسٽريا جي قومي ڏينهن جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي آسٽريا جي نئين سفير وولف گانگ اوليور گچيرا ۽ اعزازي قونصل جنرل ڊاڪٽر حسين اسلام گورنر جو مانائتو آڌرڀاءُ ڪيو.گورنر آسٽريا جي قيادت ۽ عوام کي قومي ڏينهن جي مناسبت سان دلي واڌايون ڏنيون ۽ نئين مقرر ٿيل سفير کي سندس ذميداري سنڀالڻ تي به نيڪ تمنائن سان نوازيو. تقريب دوران گورنر نئين سفير ۽ ٻين معزز شرڪت ڪندڙن سان گڏجي ڪيڪ ڪاٽيو ۽ کين گلدستو پيش ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. تقريب ۾ ٻطرفي سهڪار،ثقافتي رابطن ۽ سفارتي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ويو.

مزید خبریں