ٽيليويزن، تعليم، تفريح ۽ عالمي شعور کي هٿي وٺرائڻ جو اثرائتو وسيلو آهي: ڪامران خان ٽيسوري

ڪراچي-21 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ورلڊ ٽيليويزن ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ٽيليويزن تعليم، تفريح ۽ عالمي شعور کي زور وٺائڻ جو اثرئتو وسيلو آهي. هن چيو ته ان پليٽ فارم وسيلي پاڪستان جو سافٽ اميج، ثقافت ۽ هاڪاري پهلو دنيا آڏو اجاگر ڪري سگهجي ٿو. گورنر زور ڀريو ته ميڊيا عالمي سطح تي پاڪستان جي امن پسند تشخص …

ڪراچي-21 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ورلڊ ٽيليويزن ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ٽيليويزن تعليم، تفريح ۽ عالمي شعور کي زور وٺائڻ جو اثرئتو وسيلو آهي. هن چيو ته ان پليٽ فارم وسيلي پاڪستان جو سافٽ اميج، ثقافت ۽ هاڪاري پهلو دنيا آڏو اجاگر ڪري سگهجي ٿو. گورنر زور ڀريو ته ميڊيا عالمي سطح تي پاڪستان جي امن پسند تشخص کي نمايان ڪري ۽ فلسطين، ڪشمير ۽ موسمياتي تبديلي جهڙن اهم عالمي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته نوجوانن جي تعليم ۽ شعور بيدار ڪرڻ ۾ ٽيليويزن هڪ مضبوط ۽ اثرائتو پليٽ فارم آهي. ڪامران خان ٽيسوري وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو امن ، ترقي ۽ هاڪاري پيغام دنيا تائين پهچائڻ ۾ ميڊيا جو ڪردار نهايت اهميت رکي ٿو ۽ اها ئي ميڊيا پاڪستان جي روشن مستقبل جي ضمانت بڻجي سگهي ٿي.

مزید خبریں