حيدرآباد-21 نومبر (اي پي پي) وومين ڊولپمينٽ کاتي جي صوبائي وزير شاهينه شير علي ڪوٽڙي ۾ قائم سيف هائوس جو دورو ڪري پناهه ورتل عورتن لاءِ موجود سهولتن جو تفصيلي جائزو ورتو دوري دوران ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڄامشورو بابر خان نظاماڻي، مختيارڪار ڪوٽڙي ماجد علي خاصخيلي، فيروز مصطفي برفت سميت ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا ان موقعي تي صوبائي وزير سيف ھائوس جي انچارج سيده قرة العين شاهه …
سنڌ جي وومين ڊولپمينٽ کاتي جي صوبائي وزير جو ڪوٽڙيءَ ۾ سيف هائوس جو دؤرو

مزید خبریں
حيدرآباد-21 نومبر (اي پي پي) وومين ڊولپمينٽ کاتي جي صوبائي وزير شاهينه شير علي ڪوٽڙي ۾ قائم سيف هائوس جو دورو ڪري پناهه ورتل عورتن لاءِ موجود سهولتن جو تفصيلي جائزو ورتو دوري دوران ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڄامشورو بابر خان نظاماڻي، مختيارڪار ڪوٽڙي ماجد علي خاصخيلي، فيروز مصطفي برفت سميت ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا ان موقعي تي صوبائي وزير سيف ھائوس جي انچارج سيده قرة العين شاهه کان ڪوٽڙي سيف هائوس ۾ رهندڙ متاثر عورتن کي فراهم ڪيل تحفظ، رهائش بابت آگاهي ورتي، ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهينه شير علي چيو ته وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ سنڌ جي عورتن جي حقن، ڀلائي ۽ تحفظ لاءِ هر سطح تي سرگرم آهي۔ هن چيو ته بي روزگار عورتن لاءِ روزگار جا موقعا، هنري سکيا ۽ ڪاروباري سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ منصوبا تيار ڪيا پيا وڃن، جن تي ڪم تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي۔ صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته عورتن تي تشدد جا ڪيترائي ڪيس موصول ٿين ٿا، جن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ کاتو پنهنجو ڪردار نڀائي رهيو آهي۔ هن چيو ته ڪيترن ئي ڳوٺاڻن علائقن ۾ عورتون گهرن اندر تشدد جو شڪار ٿين ٿيون پر شڪايت ڪرڻ کان قاصر هونديون آهن اهڙين عورتن لاءِ ڊپارٽمينٽ جو هيلپ لائن نمبر 1094 موجود آهي، جنهن تي ڪال ڪري فوري شڪايت درج ڪرائي سگهجي ٿي۔ شاهينه شير علي وومين ڪمپلين سيل ڄامشورو جي انچارج قرة العين شاهه جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته هوءَ متاثر عورتن جي مدد لاءِ سرگرم آهي.











