ڪراچي-21 نومبر(اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ايشيائي ترقياتي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايما فين جي سربراھي ۾ وفد ملاقات ڪئي. ايشيائي ترقياتي بينڪ جي وفد ۾ ڪنٽري ڊائريڪٽر اسد عليم، پروجيڪٽ آفيسر حامد خان، خيام عباسي ۽ سيد عدنان شامل ھئا.سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي آمد تي معزز مھمانن جي آجيان ڪئي. ملاقات دوران ايشيائي ترقياتي بينڪ جي وفد کي ريڊ لائن بي آر …
سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ايشيائي ترقياتي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايما فين جي سربراھي ۾ وفد جي ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي-21 نومبر(اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ايشيائي ترقياتي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايما فين جي سربراھي ۾ وفد ملاقات ڪئي. ايشيائي ترقياتي بينڪ جي وفد ۾ ڪنٽري ڊائريڪٽر اسد عليم، پروجيڪٽ آفيسر حامد خان، خيام عباسي ۽ سيد عدنان شامل ھئا.سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي آمد تي معزز مھمانن جي آجيان ڪئي. ملاقات دوران ايشيائي ترقياتي بينڪ جي وفد کي ريڊ لائن بي آر ٽي جي موجوده مرحلن، تعميراتي رفتار ۽ فني معاملن تي تفصيل سان بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ جاري ٽرانسپورٽ رٿائن، خاص طور تي ريڊ لائن بي آر ٽي کي سرڪاري سطح تي مثالي رٿا بڻائڻ لاءِ سنڌ سرڪار پوري ڪوشش ڪري رھي آھي، سنڌ سرڪار ھن رٿا کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ ڏينھن رات ڪم ڪري رھي آھي. ھن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير ۽ سندس لاڳاپيل ٽيم لڳاتار محنت ڪري رھي آھي ۽ رٿا جون آفيسون 24 ڪلاڪ کليل آھن ته جيئن اڳڀرائي جي نگراني جاري رھي، ريڊ لائن بي آر ٽي کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ عملي فيصلا ڪيا ويا آھن ۽ تعميراتي سلسلو ھاڻي لڳاتار اڳتي وڌي رھيو آھي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ھڪ وڏو ۽ پيچيده ميٽروپوليٽن شھر آھي، جتي مختلف ادارن جون زير زمين ۽ زميني يوٽيلٽيز موجود آھن، ريڊ لائن بي آر ٽي ۾ يوٽيلٽيز جي منتقلي ھڪ وڏو چيلنج ھو، ڪيترائي فني مسئلا حل ڪيا ويا آھن ۽ باقي معاملا به گڏيل حڪمت عملي سان اُڪلايا پيا وڃن. سندس چوڻ ھو ته سنڌ سرڪار کي ايشيائي ترقياتي بينڪ سان ڪم ڪندي خوشي ٿئي ٿي ۽ اداري جي سھڪار کي قدر جي نگاھ سان ڏٺو ويندو آھي، ريڊ لائن بي آر ٽي کي جلد کان جلد مڪمل ڪري شھرين جي لاءِ جديد سفري سھولت ڏني ڏيندي. ملاقات دوران ايشيائي ترقياتي بينڪ جي وفد منصوبي جي رفتار ۽ انتظامي ڪوششن تي اطمينان جو اظھار ڪيو ۽ چيو ته ريڊ لائن بي آر ٽي کي ھڪ بھترين ۽ ايوارڊ حاصل ڪندڙ رٿا طور ڏسڻ چاھيون ٿا. ايشيائي ترقياتي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جو چوڻ ھو ته سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي جو ساڻن سھڪار اثرائتو ۽ مسلسل آھي، گڏيل ڪوششن سان ڪراچي جي شھرين کي معياري ٽرانسپورٽ جي سھولت ڏئي سگھبي. ان موقعي تي ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جو سيڪريٽري اسد ضامن ۽ ٽرانس ڪراچي جو سي اي او فواد غفار سومرو به موجود ھُئا.











