حيدرآباد-20نومبر (اي پي پي)سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ آچر 23 نومبر تي منعقد ٿيندي، مختلف انڊرگريجوئيٽ ڊگري پروگرامن لاءِ مين ڪيمپس، عمرڪوٽ ڪيمپس ۽ خيرپور ڪاليج ۽ ڪوئيٽا ۾ ٽيسٽ ورتي ويندي، جنهن ۾ 5500 کان وڌيڪ اميدوارن جي شرڪت متوقع آهي. يونيورسٽي جي پڌرائي موجب انڊرگريجوئيٽ ڊگري پروگرامن لاءِ يونيورسٽي جي سڀني فئڪلٽين، انفارميشن ٽيڪنالاجي سينٽر، انسٽيٽيوٽ آف فوڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، عمرڪوٽ ڪيمپس ۽ …
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ آچر 23 نومبر تي منعقد ٿيندي

مزید خبریں
حيدرآباد-20نومبر (اي پي پي)سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ آچر 23 نومبر تي منعقد ٿيندي، مختلف انڊرگريجوئيٽ ڊگري پروگرامن لاءِ مين ڪيمپس، عمرڪوٽ ڪيمپس ۽ خيرپور ڪاليج ۽ ڪوئيٽا ۾ ٽيسٽ ورتي ويندي، جنهن ۾ 5500 کان وڌيڪ اميدوارن جي شرڪت متوقع آهي. يونيورسٽي جي پڌرائي موجب انڊرگريجوئيٽ ڊگري پروگرامن لاءِ يونيورسٽي جي سڀني فئڪلٽين، انفارميشن ٽيڪنالاجي سينٽر، انسٽيٽيوٽ آف فوڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، عمرڪوٽ ڪيمپس ۽ خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچر اينڊ مينيجمينٽ سائنسز ۾ تدريسِي سال 26-2025لاءِ داخلا ٽيسٽ آچر 23 نومبر تي ورتي ويندي، جنهن لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، تيارين بابت ھڪ اھم اجلاس وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ اميدوارن لاءِ سهولتن ۽ سيڪيورٽي بابت اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽيسٽ سينٽرز پبلڪ اسڪول حيدرآباد، عمرڪوٽ ڪيمپس ۽ پبلڪ اسڪول سکر ۾ قائم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته بلوچستان مان ايندڙ شاگردن جي سهولت لاءِ ڪوئيٽا ۾ بلوچستان يونيورسٽي آف انفارميشن ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ اينڊ مينيجمينٽ سائنسز، ايئرپورٽ روڊ تي به ٽيسٽ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي مختلف ڪميٽين جي سربراهن وائيس چانسلر کي اميدوارن لاءِ سيڪيورٽي، ميڊيڪل سهولت، معلوماتي ڪائونٽرن ۽ ٻين ضروري سهولتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، جنهن تي هن اطمينان جو اظهار ڪندي وڌيڪ موثر ۽ شفاف ٽيسٽ لاءِ واضح هدايتون جاري ڪيون. اجلاس ۾ ڊين ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر، ڊاڪٽر غياث الدين شاهه، ڊاڪٽر عبدالمبين لوڌي، ڊاڪٽر اعجاز حسين سومرو، ڊاڪٽر منظور علي ابڙو، رجسٽرار غلام محي الدين قريشي، ڊاڪٽر محمد بچل ڀٽو، ڊاڪٽر شاھنواز مري، ڊاڪٽر ڀائي خان سولنگي سميت ٻين شرڪت ڪئي.











