ڪراچي-18 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل وزير اعظم فيصل ممتاز راٺوڙ سان فون تي رابطو ڪيو ۽ آزاد ڪشمير جو وزير اعظم چونڊجڻ تي کيس دل جي گھرائين سان واڌايون ڏنيون. ايس آءِ ڊي پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب سينئير وزير چيو ته آزاد ڪشمير ۾ پيپلز پارٽي جي ڪاميابي نه رڳو پارٽي جي ڪاميابي آھي پر ھي …
صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل وزير اعظم فيصل ممتاز راٺوڙ سان فون تي رابطو، وزير اعظم چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون

مزید خبریں
ڪراچي-18 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل وزير اعظم فيصل ممتاز راٺوڙ سان فون تي رابطو ڪيو ۽ آزاد ڪشمير جو وزير اعظم چونڊجڻ تي کيس دل جي گھرائين سان واڌايون ڏنيون. ايس آءِ ڊي پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب سينئير وزير چيو ته آزاد ڪشمير ۾ پيپلز پارٽي جي ڪاميابي نه رڳو پارٽي جي ڪاميابي آھي پر ھي ڪشميري عوام جي حقيقي فتح به آھي، عوام ھميشه پيپلز پارٽي جي ترقي، امن ۽ استحڪام جي ايجنڊا کي اوليت ڏني آھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي جي ڪاميابي اصل ۾ ڪشميري عوام جي ڪاميابي آھي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت سدائين ڪشمير جي حقن ۽ عوامي ڀلائي ۽ بھتري کي اولين ترجيح ڏني آھي. ھن چيو ته شھيد ڀٽو، شھيد بينظير ڀٽو، صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هميشه ڪشمير مسئلن ۽ عوام جي بھتري کي پنھنجي اوليتن ۾ شامل رکيو آھي، آزاد ڪشمير ۾ پيپلز پارٽي جي فتح ڪشمير جي سياسي آزادي ۽ عوامي اوليتن جي احترام جي علامت آھي.











