سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان پاڪستان ويٽرنرز ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي چيئرمين جي ملاقات

ڪراچي-17 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ويٽرنز ڪرڪيٽ ۽ راندين کي زور وٺائڻ جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته تجربيڪار رانديگر نئين نسل لاءِ معشل راهه جي حيثيت رکن ٿا. انهن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ويٽرنرز ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي چيئرمين فواد اعجاز خان سان گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ويٽرنز ڪرڪيٽ جي خدمتن، ملڪ ۾ راندين کي هٿي وٺائڻ …

ڪراچي-17 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ويٽرنز ڪرڪيٽ ۽ راندين کي زور وٺائڻ جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته تجربيڪار رانديگر نئين نسل لاءِ معشل راهه جي حيثيت رکن ٿا. انهن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ويٽرنرز ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي چيئرمين فواد اعجاز خان سان گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ويٽرنز ڪرڪيٽ جي خدمتن، ملڪ ۾ راندين کي هٿي وٺائڻ ۽ ڪرڪيٽ وسيلي هاڪاري سرگرمين کي هٿي ڏيڻ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. چيئرمين فواد اعجاز خان گورنر کي 40 اوورن ۽ ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2025ع جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ به ڏني. ٻڌايو ويو ته ٽورنامينٽ جي افتتاحي تقريب 21 نومبر تي منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ عالمي ويٽرنز ٽيمون شرڪت ڪنديون جڏهن ته تقريب ۾ شاندار آتشبازي جو به مظاهرو ڪيو ويندو. ٽورنامينٽ ۾ 12 ملڪن جون ٽيمون حصو وٺنديون ۽ 42 ميچون کيڏيون وينديون.

مزید خبریں