اسلام آباد - 13 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دهشتگردي کي عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ وڏو خطرو قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ عوام دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ متحد ۽ پرعزم آهن، پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ گهڻ رخي حصيداري موجود آهي، شاهه چارلس ٽئين جي شخصيت عوامي خدمت جي علامت آهي، 20 لک پاڪستاني شهري برطانيا ۾ مختلف …
دهشتگردي عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ وڏو خطرو آهي، پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ عوام دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ متحد ۽ پرعزم آهن: وزيراعظم شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دهشتگردي کي عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ وڏو خطرو قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ عوام دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ متحد ۽ پرعزم آهن، پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ گهڻ رخي حصيداري موجود آهي، شاهه چارلس ٽئين جي شخصيت عوامي خدمت جي علامت آهي، 20 لک پاڪستاني شهري برطانيا ۾ مختلف شعبن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، برطانيا جي تعاون سان تعليم، صحت ۽ هنرمندي جا تاريخي منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار برطانيا جي شاهه چارلس ٽئين جي سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وفاقي وزيرن ۽ غيرملڪي سفارتڪارن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته شاهه چارلس ٽي عوامي خدمت ۽ عالمي شعور جي علامت آهي، سندس سالگرهه جي تقريب ۾ شرڪت اعزاز جو سبب آهي، عالمي معاملن جي لاءِ ڀرپور لڳاءُ ۽ اڻٿڪ عزم جي ڪري شاهه چارلس برطانيا، دولت مشترڪه جي ملڪن ۽ دنيا ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ دهشتگرد حملن تي دلي تعزيت جو اظهار ڪرڻ تي برطانيا جي حڪومت ۽ برطانوي هاءِ ڪمشنر جا ٿورائتا آهيون. دهشتگردي عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ وڏو خطرو آهي، پاڪستان جي بهادر هٿياربند فوج ۽ عوام هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ متحد ۽ پرعزم آهن. وزيراعظم چيو ته هن شاهه چارلس ٽئين جي تاج پوشي جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي هئي ان کانپوءِ گذريل سال سيپٽمبر ۾ ساڻس ٽيليفون تي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ گهڻ رخي حصيداري موجود آهي ۽ شاهي خاندان جي دلچسپي ۽ سرپرستي کانسواءِ اهو ممڪن نه هو. وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ پائيدار دوستي جي پڻ ياد ملهائي رهيا آهيون، هزارين پاڪستانين برٽش ڪائونسل جي پروگرامن مان فائدو کنيو آهي، جڏهن ته هزارين پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين برطانيا ۾ يونيورسٽين ۽ ڪاليجز ۾ پنهنجي تعليم حاصل ڪئي آهي، 20 لک پاڪستاني ڄاوا شهري برطانيا ۾ مختلف شعبن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پنجاب ۾ سندس وزارت اعليٰ جي دور ۾ برطانيا جي تعاون سان تعليم، بنيادي صحت ۽ هنرمندي جا تاريخي منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته شاهه چارلس 2006ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو اهڙي طرح ملڪه ايلزبٿ ٻه پڻ پاڪستان جي دوري تي آئي. وزيراعظم شاهه چارلس ۽ ملڪه کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. وزيراعظم پاڪستان ۽ برطانيا جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ پي آءِ اي جي برطانيا جي لاءِ اڏامن جي بحالي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ تي برطانيا جي هاءِ ڪمشنر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته هزارين مسافر پاڪستان کان مانچسٽر جو سفر ڪن ٿا جلد اهي لنڊن جو سفر پڻ ڪري سگهندا اهي اڏامن جي بحالي ۾ توهان جي ڪردار کي ياد رکندا. ان کان اڳ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ چيو ته پاڪستان ۾ تازي دهشتگرد حملن تي دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. برطانيا هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو ۽ پاڪستاني عوام سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته تقريب ۾ شرڪت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورائتا آهيون، برطانيا ۽ پاڪستان جا گهرا ٻطرفا لاڳاپا آهن، برطانيا ۾ 15 پاڪستاني ڄاوا پارليامينٽ ميمبر خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته برطانيا 45 لک ٻارن کي معياري تعليم ۽ 15 لک ماڻهن کي ماحولياتي خطري کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ڏني. شاهه چارلس جون ماحولياتي ڪوششون ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻينديون. بعد ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانيا جي هاءِ ڪمشنر سان گڏ شاهه چارلس ٽئين جي سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.











