سنڌ جي گورنر پاران نشانِ حيدر حاصل ڪندڙ پاڪ فوج جي عظيم هيرو ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي 27 وهين يوم شهادت تي خراج عقيدت پيش

ڪراچي- 05 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي نشانِ حيدر حاصل ڪندڙ پاڪ فوج جي عظيم هيرو ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي 27 وهين يوم شهادت تي کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. گورنر شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ خاص دعا به ڪئي. گورنر هائوس ڪراچي مان جاري ڪيل پريس رليز موجب پنهنجي پيغام ۾ گورنر سيد نهال هاشمي چيو ته ڪيپٽن …

ڪراچي- 05 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي نشانِ حيدر حاصل ڪندڙ پاڪ فوج جي عظيم هيرو ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي 27 وهين يوم شهادت تي کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. گورنر شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ خاص دعا به ڪئي. گورنر هائوس ڪراچي مان جاري ڪيل پريس رليز موجب پنهنجي پيغام ۾ گورنر سيد نهال هاشمي چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شيرخان شهيد جي لازوال قرباني ملڪي تاريخ جو هڪ اهڙو سونهري باب آهي جنهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. هن چيو ته وطن جي ان دلير سپوت ڪارگل جي ويڙهه ۾ شجاعت ۽ بهادري جي هڪ نئين ۽ بيمثال تاريخ رقم ڪئي. گورنر چيو ته ڪرنل شيرخان شهيد جهڙا بهادر پٽ هن ڌرتي جو اصل فخر آهن. نشانِ حيدر حاصل ڪندڙ هن عظيم هيرو جي قرباني کي سڄي قوم هميشه ياد رکندي ۽ دل سان سلام پيش ڪري ٿي. سيد محمد نهال هاشمي چيو ته پاڪ فوج جا شهيد اسان جو فخر، اسان جي سر جو تاج ۽ ملڪ ۽ قوم جو اصل مانُ آهن. وطن عزيز جي دفاع لاءِ ڏنل انهن جون قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون.

مزید خبریں