ڪراچي- 05 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته 5 جولاءِ 1977ع پاڪستان جي جمهوري تاريخ جو ڪارو ڏينهن هو، جڏهن عوام جي چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت تي مارشل لا لاڳو ڪري عوامي مينڊيٽ، آئين ۽ جمهوري نظام تي وار ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي اقتدار تان هٽائڻ …
پاڪستان جي جمهوري تاريخ ۾ 05 جولاءِ 1977ع ڪارو ڏينهن هو: سنڌ جو وڏو وزير

مزید خبریں
ڪراچي- 05 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته 5 جولاءِ 1977ع پاڪستان جي جمهوري تاريخ جو ڪارو ڏينهن هو، جڏهن عوام جي چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت تي مارشل لا لاڳو ڪري عوامي مينڊيٽ، آئين ۽ جمهوري نظام تي وار ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي اقتدار تان هٽائڻ جي سازش دراصل عوامي راءِ ۽ آئين تي حملو هئي، جڏهن ته آمريت جمهوريت، آئين ۽ عوامي حڪمرانيءَ جي حق کي لتاڙي ڇڏيو. وزيراعليٰ هائوس مان جاري پيغام ۾ وڏي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هر دور ۾ آمريت جو بهادري، ثابت قدمي ۽ عوامي طاقت سان مقابلو ڪيو ۽ جمهوري قدرن جي تحفظ لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون. سيد مراد علي شاهه چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام ۾ شعور، خوداعتمادي ۽ جمهوري حقن جو احساس پيدا ڪيو، جڏهن ته سندن سياسي بصيرت، عوامي خدمت ۽ جمهوري جدوجهد اڄ به قوم لاءِ مشعلِ راهه آهي. هن چيو ته جمهوريت جي شهيدن جون قربانيون پاڪستان ۾ آئين ۽ عوامي حڪمراني جا مضبوط بنياد آهن. وڏي وزير چيو ته 5 جولاءِ جو ڏينهن اسان کي آئين جي بالادستي، جمهوريت جي تحفظ ۽ عوام جي حڪمراني جي حق واري عزم جي تجديد جو موقعو فراهم ڪري ٿو. هن زور ڀريندي چيو ته جمهوريت ئي پاڪستان جي استحڪام، ترقي، قومي يڪجهتي ۽ مضبوطي جي ضامن آهي، جڏهن ته ملڪ جي حقيقي طاقت جمهوري تسلسل، آئين جي بالادستي ۽ عوام جي مينڊيٽ جي احترام ۾ سمايل آهي. هن پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته اسين هر قيمت تي آئين، جمهوريت ۽ عوام جي حڪمراني واري حق جو دفاع ڪندا رهنداسين. هن چيو ته ڪاري ڏينهن جي موقعي تي اسين اهو عزم ورجايون ٿا ته جمهوريت خلاف ڪنهن به غير آئيني قدم جي حمايت نه ڪنداسين. وڏي وزير سندس پيغام جي پڄاڻيءَ ۾ شهيد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي جدوجهد، قرباني ۽ جمهوري خدمتن کي ڀرپور خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته سندن فڪر، نظريو ۽ جدوجهد ايندڙ نسلن لاءِ هميشه رهنمائي جو سرچشمو رهندي.










