ڊي سي لاڙڪاڻو جي هدايتن تي ٽرانسپورٽرن پاران وڌيڪ ڪرايا وٺڻ تي ڪيترائي ڪوچز ۽ وينز جا ٽرمينل سيل

لاڙڪاڻو-05 جولاءِ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو جي هدايتن تي مختيارڪار تعلقو لاڙڪاڻو، شهر لاڙڪاڻي ۾ ڪوچز ۽ وينز پاران غيرقانوني ۽ مقرر ڪيل ڪرائي کان وڌيڪ ڪرايا وصول ڪرڻ خلاف ڪارروائي ڪندي ڪجهه ٽرمينل سيل ڪري ڇڏيا. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو مختيارڪار تعلقو لاڙڪاڻو کي هدايت ڪئي هئي ته شهر ۾ ڪوچز ۽ وينز پاران غيرقانوني ۽ حد کان وڌيڪ ڪرايا وصول ڪرڻ خلاف …

لاڙڪاڻو-05 جولاءِ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو جي هدايتن تي مختيارڪار تعلقو لاڙڪاڻو، شهر لاڙڪاڻي ۾ ڪوچز ۽ وينز پاران غيرقانوني ۽ مقرر ڪيل ڪرائي کان وڌيڪ ڪرايا وصول ڪرڻ خلاف ڪارروائي ڪندي ڪجهه ٽرمينل سيل ڪري ڇڏيا. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو مختيارڪار تعلقو لاڙڪاڻو کي هدايت ڪئي هئي ته شهر ۾ ڪوچز ۽ وينز پاران غيرقانوني ۽ حد کان وڌيڪ ڪرايا وصول ڪرڻ خلاف ڪارروائي ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ڊي سي جي هدايتن تي مختيارڪار ۽ روينيو ٽيم شهر جي مختلف ٽرمينلن جو اوچتو معائنو ڪيو. معائني دوران معلوم ٿيو ته گهڻن ٽرمينلن تي مسافرن کان مقرر ڪيل ڪرائي کان وڌيڪ رقم وصول ڪئي پئي وئي. ڪارروائي دوران روينيو ٽيم ڪجهه ٽرمينلن کي سيل ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو. ان تي ٽرانسپورٽرن ان وقت سڀني بيٺل مسافرن کان ورتل وڌيڪ  رقم فوري طور واپس ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي ۽ مستقبل ۾ اضافي ڪرايا نه وٺڻ جو لکت ۾ واعدو به ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو مختيارڪار تعلقو لاڙڪاڻو کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته ڪوچز ۽ وينز پاران وڌيڪ ڪرايا وصول ڪرڻ خلاف ڪارروائي جو سلسلو جاري رکيو وڃي ۽ روزاني بنيادن تي عملدرآمد رپورٽ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ جمع ڪرائي وڃي. شهرين ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جي هن قدم کي ساراهيندي چيو آهي ته ان سان مسافرن کي وڏو رليف ملندو.

مزید خبریں