مهانگائي جي شرح 3.5 سيڪڙو، پرڏيهه مان پورهيتن پاران موڪليل ناڻو 31 ارب ڊالرن کان وڌي ويو، اڏام پاڪستان جو معاشي نظم و ضبط  هاڻي حقيقت جو روپ اختيار ڪري رهيو آهي:  وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال

اسلام آباد - 05 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته مهانگائي جي شرح 3.5 سيڪڙو تائين لهڻ ۽ پرڏيهه مان پورهيتن پاران موڪليل ناڻو 31 ارب ڊالرن کان وڌي وڃن سان ئي اڏام پاڪستان جو معاشي نظم و ضبط هاڻي حقيقت جو روپ اختيار ڪري رهيو آهي، پاڪستان ثابت ڪري ڇڏيو آهي، ته هو ڪمزور رياست ناهي …

اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته مهانگائي جي شرح 3.5 سيڪڙو تائين لهڻ ۽ پرڏيهه مان پورهيتن پاران موڪليل ناڻو 31 ارب ڊالرن کان وڌي وڃن سان ئي اڏام پاڪستان جو معاشي نظم و ضبط هاڻي حقيقت جو روپ اختيار ڪري رهيو آهي، پاڪستان ثابت ڪري ڇڏيو آهي، ته هو ڪمزور رياست ناهي پر پنهنجي پيرن تي بيٺل هڪ مضبوط ملڪ آهي. آچر تي وزارت پاران جاري بيان موجب هن اورلينڊو ۾ 49 هين (اپنا) سالياني ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته اڏام پاڪستان ذريعي اسان پنهنجي سوچ کي بنيادي طور تبديل ڪري رهيا آهيون. تاريخ ۾  پهريون ڀيرو آبادي ۽ انساني وسيلا اسان جي رٿابندي ۾ ڪا معمولي حاشيو ناهي، پر اسان جي معاشي ترقي جو پهريون باب بڻجي چڪا آهن. هن چيو ته اسان فائيو ايز جي بنياد تي 2047ع تائين 3 ٽريلين ڊالرن تائين معيشت جو هدف کڻي هلي رهيا آهيون. مهانگائي جي شرح 3.5 سيڪڙو تائين لهڻ۽ پرڏيهه مان  پورهيتن پاران موڪليل 31 ارب ڊالرن کان وڌي وڃڻ سان گڏ اڏام پاڪستان جو معاشي نظم و ضبط هاڻي حقيقت جو روپ اختيار ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هڪ طرف هو سنجيده سفارتڪاري جنهن واشنگٽن ۽ تهران کي هڪ ميز تي ويهاريو ۽ ٻئي پاسي حق جي ويڙهه دوران بدترين حالتن ۾ به پنهنجي سرحدن جي محفوظ دفاع سان پاڪستان ثابت ڪري ڇڏيو آهي، ته هو ڪا ڪمزور رياست ناهي پر پنهنجي پيرن تي بيٺل هڪ مضبوط ملڪ آهي، ياد رهي ته حقيقي استحڪام صرف سرحدن تي نه کٽي سگهجي، هي اسان جي ڪلينڪس، اسان جي ڊيٽا سسٽمز ۽ اسان جي معاشي منصوبه بندي سان فتح ڪيو ويندو آهي. اڳتي جو رستو آسان ناهي ۽ هاڻي سمورو دارو مدار صرف ان منصوبي تي عملدرآمد تي آهي. هن چيو ته پنهنجي (اپنا) جي ڪميونٽي کي هڪ سادو پيغام ڏنو آهي ته هاڻي پاڪستان تي صرف يقين نه رکو پر ان کي ٺاهڻ ۾ اسان جو ساٿ ڏيو. پنهنجي مهارت، پنهنجي سسٽمز، ۽ پنهنجو ويزن واپس وطن کڻي اچو، هاڻي مستقبل ئي اسان جو ايندڙ مشن آهي.

مزید خبریں