اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دانش يونيورسٽي پاڪستان جي باصلاحيت ۽ مستحق نوجوانن کي عالمي معيار جي تعليم جا موقعا فراهم ڪندي، هن يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ سڄي پاڪستان مان باصلاحيت شاگردن کي ميرٽ تي چونڊيو ويندو. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ دانش يونيورسٽي بابت جائزه اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ …
دانش يونيورسٽي پاڪستان جي باصلاحيت ۽ مستحق نوجوانن کي عالمي معيار جي تعليم جا موقعا فراهم ڪندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دانش يونيورسٽي پاڪستان جي باصلاحيت ۽ مستحق نوجوانن کي عالمي معيار جي تعليم جا موقعا فراهم ڪندي، هن يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ سڄي پاڪستان مان باصلاحيت شاگردن کي ميرٽ تي چونڊيو ويندو. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ دانش يونيورسٽي بابت جائزه اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال، اعظم نذير تارڙ، احد خان چيما، خالد مقبول صديقي، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، قومي اسيمبلي ميمبر اسامه سرور، چيئرمين بورڊ آف ٽرسٽيز دانش يونيورسٽي عارف سعيد ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي باصلاحيت ۽ مستحق شاگردن کي ميرٽ تي معياري ۽ جديد تعليم فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، دانش يونيورسٽي پاڪستان جي باصلاحيت ۽ مستحق نوجوانن کي عالمي معيار جي تعليم جا موقعا فراهم ڪندي. وزيراعظم چيو ته دانش يونيورسٽي بهترين تعليمي، تحقيق ۽ جديد ٽيڪنالاجي سهولتن جي ڪري سڄي ملڪ ۽ پُوري خطي ۾ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ هڪ بهترين اهم مرڪز طور اڀرندي، ان ۾ داخلا لاءِ سڄي پاڪستان مان باصلاحيت شاگردن کي ميرٽ تي چونڊيو ويندو. اجلاس کي دانش يونيورسٽي جي قيام بابت وزيراعظم جي مختلف هدايتن تي ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. ٻڌايو ويو ته دانش يونيورسٽي ۾ مختلف فيڪلٽي پوسٽن لاءِ هيستائين 185 درخواستون ملي چُڪيُون آهن، يونيورسٽي جي لاءِ بهترين ۽ باصلاحيت فيڪلٽي جي چونڊ جو عمل جاري آهي، ايف ايس سي ۽ اي ليول جي ٻئي سال ۾ پڙهندڙ شاگردن کي دانش يونيورسٽي جي ورچوئل اسڪول جي لاءِ ٽيلنٽ هنٽ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، ورچوئل اسڪول ۾ ڪامياب شاگردن لاءِ پنجن مهينن جي مُدي لاءِ سئو سيڪڙو مفت ڪلاسز منعقد ڪيا ويندا، دانش يونيورسٽي ورچوئل ڪلاسز لاءِ ٽيسٽ 40 کان وڌيڪ شهرن ۾ 24 آڪٽوبر 2026ع تي منعقد ڪئي ويندي. بريفنگ ۾ ٻُڌايو ويو ته دانش يونيورسٽي جي عمارت ايندڙ سال تائين مڪمل ٿي ويندي، باقاعده تدريسي سرگرميون 20 سيپٽمبر 2027ع کان شروع ٿينديون. ان يونيورسٽي ۾ شروعاتي مرحلي ۾ بايو انجنيئرنگ، اليڪٽريڪل انجنيئرنگ، مصنوعي ذهانت، ڪمپيوٽر سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ سماجيات تي ٻڌل جديد تعليمي پروگرام شروع ڪيا ويندا. بريفنگ ۾ ٻُڌايو ويو ته شاگردن کي يونيورسٽي ۾ باقاعده تعليم شروع ڪرڻ لاءِ ضروري تياري ۽ مدد فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ برج پروگرام پڻ شروع ڪيو ويندو. دانش يونيورسٽي جو برج پروگرام 10 آگسٽ کان 14 سيپٽمبر 2027ع تائين جاري رهندو.










