اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ حڪومت جي سرڪاري آفيسن ۾ ڪم ڪار جي وقت ۾ تبديلين بابت نوٽيفڪيشن کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي فيڪٽ چيڪر خميس ڏينهن سماجي رابطن واري پليٽ فارم "ايڪس" تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ ڄاڻايل نوٽيفڪيشن جعلي ۽ گمراهه ڪندڙ …
اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ حڪومت جي سرڪاري آفيسن ۾ ڪم ڪار جي وقت ۾ تبديلين بابت نوٽيفڪيشن جعلي قرار

مزید خبریں
اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ حڪومت جي سرڪاري آفيسن ۾ ڪم ڪار جي وقت ۾ تبديلين بابت نوٽيفڪيشن کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي فيڪٽ چيڪر خميس ڏينهن سماجي رابطن واري پليٽ فارم "ايڪس” تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ ڄاڻايل نوٽيفڪيشن جعلي ۽ گمراهه ڪندڙ آهي، عوام اهڙي مواد تي يقين نه ڪري ۽ نه ئي ان کي وڌيڪ شيئر ڪيو وڃي. عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته مستند نوٽيفڪيشنز ۽ سرڪاري اعلانن جي لاءِ حڪومت جي سرڪاري ذريعن سان رجُوع ڪيو وڃي.










