ٽيليڪام بل جو هرگز اهو مطلب ناهي ته ڪنهن جي ذاتي زمين تي قبضو ڪيو ويندو، مالي الزامن تي قانوني ڪارروائي جو پورو حق رکون ٿا: وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ اعظم نذير تارڙ جي گڏيل پريس ڪانفرنس

اسلام آباد - 05 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي، ته اتفاق راءِ سان قانونسازي ڪئي پئي وڃي، ٽيليڪام بل جو هرگز اهو مطلب ناهي ته ڪنهن جي ذاتي زمين تي قبضو ڪيو وڃي، اسان پاڻ خلاف لڳايل مالي الزامن تي قانوني ڪارروائي جو پورو حق رکون ٿا. اهڙو اظهار هن آچر ڏينهن قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر …

اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي، ته اتفاق راءِ سان قانونسازي ڪئي پئي وڃي، ٽيليڪام بل جو هرگز اهو مطلب ناهي ته ڪنهن جي ذاتي زمين تي قبضو ڪيو وڃي، اسان پاڻ خلاف لڳايل مالي الزامن تي قانوني ڪارروائي جو پورو حق رکون ٿا. اهڙو اظهار هن آچر ڏينهن قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ٽيليڪام بل تي عوام ۽ پارليامينٽ کي آگاهه ڪرڻ انتهائي ضروري هو، ٽيليڪام جو پراڻو قانون موجوده دور جي ضرورتن موجب هڪجهڙائي نه رکندو هو، بل جو مقصد وزيراعظم جي ويزن موجب انٽرنيٽ جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ آهي. هن چيو ته آءِ ٽي جي وزير طور منهنجي اها ذميواري  آهي ته تيز ترين انٽرنيٽ جي فراهمي کي ممڪن بڻايو وڃي. هن چيو ته آءِ ٽي بل 6 مهينن تائين قومي اسيمبلي ۾ پيل رهيو. بل کي سينيٽ مان ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ کان روڪيو ويو جيڪو جمهوريت جو حسن آهي. شزه فاطمه خواجه چيو ته بل جو هر گز اهو مطلب ناهي ته ڪنهن جي پرائيويٽ لينڊ (ذاتي زمين) تي قبضو ڪيو ويندو، بل کي کڻي مون ۽ آءِ ٽي سيڪريٽري خلاف بنا سبب ميڊيا ۾ واويلا مچائي وئي. وزيراعظم کي چيو ته بل جي حوالي سان لڳايل الزامن جي جاچ ڪرائي وڃي. هن چيو ته اسان دنيا جي سڀ کان وڏي اسپيڪٽرم نيلامي ڪئي، اتفاق راءِ سان قانون سازي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته مون تي آءِ ٽي واري سيڪريٽري تي بي بنياد مالي فائدا حاصل ڪرڻ جا الزام لڳايا ويا، اسان پاڻ خلاف لڳايل مالي الزامن تي قانوني ڪارروائي جو پورو حق رکون ٿا. ان موقعي تي ڳالهائيندي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته ٽيليڪام بل کي کڻي ميڊيا ۾ بي سبب واويلا مچائي وئي، اهو تاثر بلڪل غلط آهي ته بل ذريعي ڪنهن جي پرائيويٽ پراپرٽي تي قبضو ٿيڻ وڃي رهيو آهي. هن چيو ته بل جي آڙ ۾ آءِ ٽي واري وزير ۽ سيڪريٽري تي مالي فائدن جو الزامن لڳايو ويو. هن چيو ته وزيراعظم جي ويزن موجب سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ پهچائڻ آءِ ٽي واري وزارت جي ذميواري آهي، ڪميٽي کي ڪنهن کي نوازڻ جون شاهديون نه مليون، قومي اسيمبلي مان بل 6 ترميمن سان منظور ٿيو.  اعظم نذير تارڙ چيو ته ملڪ جون عورتون ۽ نوجوان گهر ويٺي فري لانسنگ ذريعي ڪمائي رهيا آهن. هي بل بنيادي طور تي ان هائوسنگ سوسائٽيز جي حوالي سان هو جيڪي معاهدو ڪري ڦري وڃن ٿا، شهرين جي ذاتي زمينن مان فائبر گذارڻ لاءِ مالڪن جي اجازت لازمي هوندي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو شهري انٽرنيٽ لاءِ پنهنجي ذاتي پراپرٽي ڏيڻ نٿو چاهي ته اهو ان جو قانوني حق آهي، اسان اهو بلڪل واضح ڪري رهيا آهيون ته هن بل سان ڪنهن جي ذاتي ملڪيت زبردستي متاثر نه ٿيندي.

مزید خبریں