لاڙڪاڻي ۾ تعليم کاتي طرفان 5 سالن جي ٻارن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ نمائش

لاڙڪاڻو-13 نومبر (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ تعليم کاتي طرفان 5 سالن جي ٻارن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ "ننڍا ذهن، وڏا خواب" جي عنوان سان ارلي چائلڊ هوڊ ٽئلينٽ شو اينڊ فيئر جي نالي سان سائنس ۽ آرٽس جي نمائش مقامي هال ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ مهمان خاص چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو اعجاز احمد لغاري، ڊائريڪٽر نيب عمران علي مڱريو، ميئر انور علي لهر، ريجنل ڊائريڪٽر …

لاڙڪاڻو-13 نومبر (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ تعليم کاتي طرفان 5 سالن جي ٻارن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ "ننڍا ذهن، وڏا خواب” جي عنوان سان ارلي چائلڊ هوڊ ٽئلينٽ شو اينڊ فيئر جي نالي سان سائنس ۽ آرٽس جي نمائش مقامي هال ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ مهمان خاص چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو اعجاز احمد لغاري، ڊائريڪٽر نيب عمران علي مڱريو، ميئر انور علي لهر، ريجنل ڊائريڪٽر محتسب سنڌ علي اڪبر جاگيراڻي، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ايليمينٽري اينڊ سيڪنڊري عبدالرشيد چانڊيو، ڊائريڪٽر ايجوڪيشن پرائمري ريجن لاڙڪاڻو خليل احمد مھر، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري لاڙڪاڻو انيس الرحمان جلباڻي، ڊپٽي ڊي اِي او پير محمد شاهه، تعلقه ايجوڪيشن آفيسر فيميل ممتاز علي سومرو، تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ميل منير احمد ڀٽو، اي اِي او علي مظفر لاهوري، وائيس چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو اسدالله ڀٽو سميت مختلف پرائمري اسڪولن جي هيڊماسترن، ميل ۽ فيميل ٽيچرس شرڪت ڪئي. نمائش ۾ ونڊر رائونڊر، لينگوئيج اينڊ لٽريسي، مئٿ ۽ ڪريئيٽو آرٽ جا ڪارنر ٺاهيا ويا جتي پرائمري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ننڍي عمر جي ٻارن سائنس، آرٽ، مئٿ سميت ٻين موضوعن تي پوسٽر سميت ٻيون شيون ٺاهي نمائش لاءِ پيش ڪيا ان موقعي تي مهمانن ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن نمائش جو دورو ڪري ننڍن ٻارن جي هٿن سان ٺھيل سائنسي ۽ آرٽ جي شين جو جائزو وٺي سندن جي زبردست حوصلا افزائي پڻ ڪئي. ان حوالي سان ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري لاڙڪاڻو انيس الرحمان جلباڻي ٻڌايو ته ننڍن ذهنن جا وڏا خواب هوندا آهن، تنهن ڪري ننڍن ذهنن جي لاءِ هي سائنس ۽ آرٽ نمائش لڳائي وئي آهي ته جيئن تعليم حاصل ڪندڙ ننڍي عمر جا ٻار پنهنجي خوابن کي ساڀيان ڏئي سگهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت جو تعليم کاتو اسڪولن ۾ ارلي چائلڊ هوڊ لاءِ ڪريڪيولم متعارف ڪرائي ارلي چائلڊ هوڊ ٽيچرس به ڀرتي ڪيا آهن ته جيئن ننڍن ٻارن کي نصابي تعليم سان گڏ غير نصابي سرگرميون ڪرائي انهن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪري سگهي، هي ٻار گريڊ وائيز جيئن اڳتي وڌندا ته انهن جي ذهني واڌ ويجهه ٿيندي تنهن ڪري اسين بنيادي طور تي ننڍن ٻارن جي لاءِ اهڙي قسم جون سرگرميون منعقد ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اهڙن سرگرمين سان اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو انگ گهٽجي ويندو ۽ داخلا جي شرح ۾ اضافو پڻ ٿيندو. هن چيو ته هي نمائش تعلقي سطح تي لڳائي وئي آهي جنهن کان پوءِ ورلڊ چلڊرين ڊي جي موقعي تي ضلعي سطح تي اهڙو پروگرام ڪرايو ويندو.

مزید خبریں