اسلام آباد - 13 نومبر (اي پي پي) سينيٽ مان 27هين آئيني ترميم ۾ وڌيڪ ترميمن کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور ڪيو ويو، ترميمن جي حق ۾ 64 جڏهن ته مخالفت ۾ 4 ووٽ آيا. سينيٽ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي سربراهي ۾ ٿيو جنهن ۾ قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ 27هين آئيني ترميم ۾ وڌيڪ ترميمون قومي اسيمبلي مان منظور …
سينيٽ مان 27هين آئيني ترميم ۾ وڌيڪ ترميمُون ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) سينيٽ مان 27هين آئيني ترميم ۾ وڌيڪ ترميمن کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور ڪيو ويو، ترميمن جي حق ۾ 64 جڏهن ته مخالفت ۾ 4 ووٽ آيا. سينيٽ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي سربراهي ۾ ٿيو جنهن ۾ قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ 27هين آئيني ترميم ۾ وڌيڪ ترميمون قومي اسيمبلي مان منظور ڪيل صورت ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي. رٿ جي منظوري کانپوءِ هن ترميمي مسودو ايوان ۾ پيش ڪيو. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ايوان مان ترميمن جي شقوار منظوري ورتي. آئيني ترميم جي شقوار منظوري کانپوءِ ورڇ سان ووٽنگ جو عمل ڪيو ويو ۽ سينيٽ ۾ 5 منٽن تائين گهنٽيون وڄايون ويون جڏهن ته ان دوران سينيٽ هال جا اچ وڃ جا رستا بند ڪيا ويا. ووٽنگ دوران 64 ووٽ بل جي حمايت ۾ ۽ 4 مخالفت ۾ آيا. بعد ۾ سينيٽ چيئرمين نتيجن جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته 27هين آئيني ترميم جي نئين ترميمن جي ووٽنگ دوران 64 ووٽ بل جي حمايت ۾ ۽ 4 مخالفت ۾ آيا. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ترميمن جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظوري جو اعلان ڪيو. ترميمن جي منظوري دوران مُخالف ڌُر ايوان ۾ گوڙ جاري رکيو جنهن تي سينيٽ چيئرمين انهن کي نعريبازي کان منع ڪيو. سينيٽ مان منظور 27هين آئيني ترميم ۾ 6 اضافي ترميمون منظور ڪيون ويون. آرٽيڪل 6 جي شق 2 اي ۾ ترميم ڪري عدالت عظميٰ ۽ اعليٰ عدليه سان گڏ وفاقي آئيني عدالت کي شامل ڪيو ويو جڏهن ته آرٽيڪل 10 سميت ٻين 5 آئيني ترميمن ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي کي شامل ڪيو ويو آهي. ترميم تحت چيف جسٽس آئيني عدالت ۽ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ مان جيڪو به سينيئر هُوندو اهو چيف جسٽس آف پاڪستان هوندو. ترميم تحت صدر، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اٽارني جنرل کان حلف وٺڻ جو مجاز چيف جسٽس آف پاڪستان هوندو. 27هين آئيني ترميم تحت وفاقي آئيني عدالت جو قيام عمل ۾ آندو ويندو جڏهن ته آئيني عدالت جي چيف جسٽس جي مقرري ٽن سالن جي لاءِ هُوندي ۽ ججز جي رٽائرمينٽ جي حد 68 سال هوندي.











