اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان وفاقي جمهوريه صوماليه جي پارلياماني وفد پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت نائب اسپيڪر هائوس آف پيپلز سعديه ياسين ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ- صوماليه ناتن، پارلياماني سهڪار ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر وفد سان ڳالهيون ڪندي چيو ته پاڪستان صوماليه سان پُراڻي دوستيءَ جي ناتن کي …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سان وفاقي جمهوريه صوماليه جي پارلياماني وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان وفاقي جمهوريه صوماليه جي پارلياماني وفد پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت نائب اسپيڪر هائوس آف پيپلز سعديه ياسين ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ- صوماليه ناتن، پارلياماني سهڪار ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر وفد سان ڳالهيون ڪندي چيو ته پاڪستان صوماليه سان پُراڻي دوستيءَ جي ناتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، پاڪستان صوماليه ۾ امن، استحڪام ۽ ترقيءَ لاءِ سندس ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو، پاڪستان آفريقا پاليسي تحت سمورن آفريقي ملڪن سان ناتن کي هٿي وٺرائڻ ۾ پُرعزم آهي، پارلياماني رابطا ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوامي سطح تي ناتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائين ٿا. صوماليه سان تعليم، واپار ۽ پارلياماني سگهه ۾ سهڪار وڌائڻ جي ضرورت آهي. صومالين نائب اسپيڪر چيو ته پاڪستان مسلم دنيا ۾ صوماليه جو اعتماد جوڳو ڀائيوار آهي. ملاقات ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي ۽ انساني ترقي جهڙن گڏيل چئلينجن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان آفريقا ۾ پارلياماني ۽ عوامي سطح تي ناتن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني مٽاسٽا ۽ انسٽيٽيوشنل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. صومالي نائب اسپيڪر پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ عوام جي مهمان نوازيءَ تي ٿورو مڃيو.











