اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد جي صدارت هيٺ بي آءِ ايس پي هيڊڪوارٽرز اسلام آباد ۾ اربع ڏينهن اي- ڪچهري منعقد ڪئي وئي. اي- ڪچهري جو مقصد عوام جو آواز سڌي ريت ٻڌڻ، انهن جا مسئلا ڄاڻڻ ۽ شڪايتن جي فوري ازالي کي يقيني بڻائڻ هو. هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ جاري رهندڙ سيشن ۾ سڄي ملڪ مان 39 ڪالرز بي …
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد جي صدارت هيٺ اي- ڪچهري منعقد

مزید خبریں
اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد جي صدارت هيٺ بي آءِ ايس پي هيڊڪوارٽرز اسلام آباد ۾ اربع ڏينهن اي- ڪچهري منعقد ڪئي وئي. اي- ڪچهري جو مقصد عوام جو آواز سڌي ريت ٻڌڻ، انهن جا مسئلا ڄاڻڻ ۽ شڪايتن جي فوري ازالي کي يقيني بڻائڻ هو. هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ جاري رهندڙ سيشن ۾ سڄي ملڪ مان 39 ڪالرز بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن سان رابطو ڪيو ۽ پنهنجا مسئلا بيان ڪيا. اي- ڪچهري ۾ بي آءِ ايس پي جي ڊائريڪٽر جنرلز ۽ لاڳاپيل آفيسرن به شرڪت ڪئي ته جئين عوامي شڪايتن جي حل کي يقيني بڻائي سگهجي. شڪايتن ۾ اڪثر مسئلا ري سروي، بائيو ميٽرڪ تصديق، پروگرام ۾ فاخل ٿيڻ ۽ وظيفي جي وصولي سان لاڳاپيل هئا. چيئرپرسن، سمورين شڪايتن کي غور سان ٻڌو ۽ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته عوامي مسئلن جي حل ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به جاءِ تي بي آءِ ايس پي عملي طرفان بي ضابطگي يا ناانصافي ٿيندي هجي ته متاثر فوري طور تي رپورٽ ڪن ته جئين لاڳاپيل عملي خلاف ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهجي. سينيٽر روبينه خالد چيو ته بي آءِ ايس پي عوامي خدمت جي جذبي سان سرشار آهي ۽ ادارو شفافيت، ديانتداري ۽ عوامي اعتماد کي برقرار رکڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي.











