فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪيڊٽ ڪاليج وانا ۾ آپريشن تي هر لمحي نظر رکي

اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪيڊٽ ڪاليج وانا ۾ آپريشن تي هر لمحي نظر رکي، فيلڊ مارشل هدايت ڪئي ته قوم جا اهي معمار اسان جو سرمايو آهن، کين ڪابه تڪليف نه اچڻ گهرجي. ذريعن موجب ڪيڊٽ ڪاليج وانا جي استادن ۽ ڪيڊٽس جا حوصلا بلند آهن ۽ هنن دهشتگرديءَ خلاف شيهي جي ڀت جيان عزم ظاهر ڪيو آهي. افغان …

اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪيڊٽ ڪاليج وانا ۾ آپريشن تي هر لمحي نظر رکي، فيلڊ مارشل هدايت ڪئي ته قوم جا اهي معمار اسان جو سرمايو آهن، کين ڪابه تڪليف نه اچڻ گهرجي. ذريعن موجب ڪيڊٽ ڪاليج وانا جي استادن ۽ ڪيڊٽس جا حوصلا بلند آهن ۽ هنن دهشتگرديءَ خلاف شيهي جي ڀت جيان عزم ظاهر ڪيو آهي. افغان خوارجين جو ڪيڊٽ ڪاليج وانا تي حملو ناڪام بڻائڻ واري آپريشن ڪمانڊر ڪرنل محمد طاهر چيو ته 10 نومبر تي 5 افغاني خوارجين ڪيڊٽ ڪاليج تي حملو ڪيو، خوارجين وانا ڪيڊٽ ڪاليج، جيڪو پاڪ فوج طرفان وزيرستان جي عوام لاءِ تحفو آهي، ان کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. آپريشن ڪمانڊر ڪرنل محمد طاهر چيو ته هڪ آپگهاتي حملي آور ڌماڪو ڪيو جڏهن ته ٻين خوارجين گيٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، خوارجين پهرين تعليم پرائيندڙ ٻارن کي يرغمال بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري خوارجين جي ان حملي ۽ ناپاڪ اِرادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، اسان دهشتگردن کي خاص بلاڪ ۾ محدود ڪري شاگردن جي حفاظت کي يقيني بڻايو. هن چيو ته رات 10 کان ساڍي 10 وڳي ويجهو خوارجين خلاف ڀرپور آپريشن کان پوءِ سمورن خوارجين کي ماريو ويو. ان موقعي تي وانا ڪاليج ۾ تعليم پرائيندڙ ڪيڊٽ چيو ته اسان ٽيپهريءَ وقت ڊرل ڪاميپٽيشن جي تياري ڪري رهيا هئاسين ته آپگهاتي ڌماڪو ٿيو، اسان کي خبر پئجي چڪي هئي ته حملو تعليم جي دشمنن ڪيو آهي، جيڪي اسان کي تعليم کان روڪڻ چاهين ٿا. پاڪ فوج جي جوانن اسان کي حفاظت سان ڪاليج مان محفوظ هنڌ منتقل ڪيو، تعليم جا دشمن ڪجهه به ڪري وٺن اسان کي تعليم کان نٿا روڪي سگهن.

مزید خبریں