اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) وفاقي وزير رضا حيات هراج چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم وقت جي ضرورت هئي، اها پهرين ٿيڻ گهرجي ها، هي ايوان مقدس آهي ۽ ان کي آئين جو ڍانچو تبديل ڪرڻ جو اختيار آهي، 27هين ترميم ۾ آئين ۾ موجود ترميمن کي وڌيڪ واضح ڪيو ويو آهي، پارليامينٽ جي ترميمن کي ڪا به عدالت ختم نٿي ڪري سگهي. قومي اسيمبليءَ ۾ 27هين ترميم …
ستاويهين آئيني ترميم وقت جي ضرورت هئي، اها پهرين ٿيڻ گهرجي ها، هي ايوان مقدس آهي ۽ ان کي آئين جو ڍانچو تبديل ڪرڻ جو اختيار آهي: رضا حيات هراج

مزید خبریں
اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) وفاقي وزير رضا حيات هراج چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم وقت جي ضرورت هئي، اها پهرين ٿيڻ گهرجي ها، هي ايوان مقدس آهي ۽ ان کي آئين جو ڍانچو تبديل ڪرڻ جو اختيار آهي، 27هين ترميم ۾ آئين ۾ موجود ترميمن کي وڌيڪ واضح ڪيو ويو آهي، پارليامينٽ جي ترميمن کي ڪا به عدالت ختم نٿي ڪري سگهي. قومي اسيمبليءَ ۾ 27هين ترميم تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته هي ايوان مقتدر آهي، آئين هن ايوان، رياست ۽ ملڪ لاءِ هڪ مقدس دستاويز آهي، ان جي ڍانچي ۾ تبديلي ايوان جو اختيار آهي. هن چيو ته 2002ع ۾ هڪ پارٽيءَ جي هڪ سيٽ هئي، ان جي تقاضا هئي ته 100 ڏنيون وڃن نه ته اسان مخالف ڌر ۾ ويهنداسين، سڄي دنيا ۾ اسپيڪر ۽ چيئرمين جي ڪرسي جو احترام هوندو آهي ڇاڪاڻ ته هي ڪسٽوڊين آف هائوس هوندا آهن، هتي هڪ هڪ سينيئر ميمبر اسپيڪر طرفان ڳالهين جي آڇ تي چيو ته اهي جعلي نمائندا آهن. هن چيو ته هن وقت اسان جنگ جي حالت ۾ آهيون، اسلام آباد ڌماڪو، وانا ڪيڊٽ ڪاليج ۾ سانحو اي پي ايس وانگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان پٺيان ڪير آهي؟ هن چيو ته آئين ۾ ججن جي بدلين جي شق 200 موجود آهي جنهن موجب صدرِ مملڪت ججن جي هاءِ ڪورٽ جي سطح تي بدليون ڪري سگهي ٿو، ان شق کي وڌيڪ واضح ۽ آسان ڪيو ويو، قانون ڄاڻڻ وارا ان تي خاموش آهن. هن چيو ته فيڊرل جوڊيشل ڪميشن کي بدلين جو اختيار ڏنو ويو آهي ان جي سفارش تي صدر عمل ڪندو. 239 جوڊيشل ريويو جو اختيار آهي، ان کي آئين جي دائري ۾ آندو آهي ته پارليامينٽ سپريم آهي ۽ اهائي آئين کي تبديل ڪري سگهي ٿي، اهو اختيار ان جو آهي. ڪنهن عدالت طرفان ڪنهن ترميم کي ختم ڪرڻ پارليامينٽ جي توهين آهي. هن ٻُڌايو ته پاڪستان هڪ ذميدار رياست آهي ۽ هڪ نئين ڪمانڊ بڻائڻ وڃي رهيا آهيون، نيشنل اسٽريٽجڪ آفيس جي قيام سان دنيا تائين اهو پيغام ويندو ته 11 ملڪن جي ذميدار ملڪن ۾ اسان جو شمار آهي، پاڪستان ڪنهن هڪ شق جي ڀڃڪڙي جو ناهي سوچيو. هن چيو ته صدر جي ڇوٽ جي شق جو مقصد آهي ته ڪا چوري لڪائي پئي وڃي. صدر، گورنر، وزيراعظم، وزير آئين تحت ڪنهن عدالت کي جوابدار ناهن، کين ان جي ڇوٽ آهي، ان ۾ ڪا نئين ترميم ناهي ڪئي وئي. رضا حيات هراج چيو ته 10 مئي 2025ع جي جنگ جي فتح ۾ وڏو ڪردار ٽنهي هٿياربند فوجن جو آهي، ايئر چيف نهايت هوشيار آفيسر آهي، فيلڊ مارشل جي قدمن جي جهلڪ مئي جي جنگ ۾ نظر آئي. نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ بڻائي وئي، ماضيءَ جي غلطين کي اسٽريم لائن ڪيو ويو، دنيا جي مختلف ملڪن ۾ فيلڊ مارشل کي ڇوٽ حاصل آهي، دنيا ۾ 10 مئي کان پوءِ پاڪستان جي وڃايل ساک بحال ٿي، انهن ترميمن جي ضرورت هئي ان کي پهريان اچڻ گهرجي ها.











