اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) روشن ڊجيٽل اڪائونٽس (آر ڊي اي) ذريعي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڏيهه اماڻيل ناڻي جو ڳاڻيٽو 11.31 ارب ڊالر کان وڌي ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق آڪٽوبر 2020ع کان آڪٽوبر 2025ع جي پڄاڻي تائين روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ذريعي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين مجموعي طور تي 11.313 ارب ڊالر ن جو ناڻي ڏيهه موڪليو، آڪٽوبر مهيني ۾ آر ڊي …
روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ذريعي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڏيهه اماڻيل ناڻي جو ڳاڻيٽو 11.31 ارب ڊالر کان وڌي ويو
اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) روشن ڊجيٽل اڪائونٽس (آر ڊي اي) ذريعي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڏيهه اماڻيل ناڻي جو ڳاڻيٽو 11.31 ارب ڊالر کان وڌي ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق آڪٽوبر 2020ع کان آڪٽوبر 2025ع جي پڄاڻي تائين روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ذريعي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين مجموعي طور تي 11.313 ارب ڊالر ن جو ناڻي ڏيهه موڪليو، آڪٽوبر مهيني ۾ آر ڊي اي ذريعي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڏيهه اماڻيل ناڻو جو ڳاڻيٽو 205 ملين رڪارڊ ڪيو ويو. انگن اکرن مطابق آر ڊي اي ذريعي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين هن وقت تائين ملڪ ۾ مجموعي طور تي 1.591 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي آهي، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين روايتي نيا پاڪستان سرٽيفڪيٽس ۾ 499 ملين ڊالر، اسلامي نيا پاڪستان سرٽيفڪيٽس ۾ 997 ملين ڊالر ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 95 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي.












