اسلام آباد-12نومبر (اي پي پي) صحت واري عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي مشن صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان لاءِ ڊبليو ايڇ او ليول – ٿري کي حاصل ڪرڻ جي قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڊبليو ايڇ او جو ڪنسلٽنٽ، صحت وارو اسپيشل سيڪريٽري ۽ ڊريپ جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر به شريڪ هئا. ان موقعي تي ڊبليو ايڇ او طرفان ميڊيڪل پروڊڪٽس …
ڊبليو ايڇ او مشن پاران صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال سان ملاقات
اسلام آباد-12نومبر (اي پي پي) صحت واري عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي مشن صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان لاءِ ڊبليو ايڇ او ليول – ٿري کي حاصل ڪرڻ جي قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڊبليو ايڇ او جو ڪنسلٽنٽ، صحت وارو اسپيشل سيڪريٽري ۽ ڊريپ جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر به شريڪ هئا. ان موقعي تي ڊبليو ايڇ او طرفان ميڊيڪل پروڊڪٽس جي معيار ۾ بهتري ۽ کين عالمي معيار موجب بڻائڻ لاءِ ڪيتريون ئي سفارشون پيدا ڪيون ويون. صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڊبليو ايڇ او جي ماهرن جي سفارشن تي مڪمل عملدرآمد ڪيو ويندو ته جيئن پاڪستان عالمي سطح تي صحت جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته انهن سفارشن تي اڳڀرائي لاءِ تمام جلد صوبن جو هڪ مشاورتي اجلاس طلب ڪيو ويندو. صحت واري وزير ٻڌايو ته ڊبليو ايڇ او ليول ٿري کي حاصل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان پنهنجون دوائون 68 ملڪن ڏانهن ايڪسپورٽ ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو، جيڪو ملڪي معيشت لاءِ هڪ وڏو سنگ ميل ثابت ٿيندو. مصطفيٰ ڪمال چيو ته حڪومت دوائن جي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ صحت جي شعبي ۾ بهتري لاءِ پرعزم آهي. هن يقين ظاهر ڪيو ته ڊبليو ايڇ او کان پاڪستان جلد کان جلد ليول ٿري جو هدف حاصل ڪندو.












