اسلام آباد- 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڪينيڊا سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ کاڻين ۽ معدنيات جي شعبي ۾ وسيع سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن ۽ بيرڪ گولڊ پاڪستان جي کاڻين جي شعبي ۾ ترقي جي راهه هموار ڪرڻ سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ ڪينيڊا جي وچ ۾ اقتصادي تعاون جي ڪاميابي جي سند ثابت ٿيندو. اربع …
پاڪستان ڪينيڊا سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڪينيڊا سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ کاڻين ۽ معدنيات جي شعبي ۾ وسيع سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن ۽ بيرڪ گولڊ پاڪستان جي کاڻين جي شعبي ۾ ترقي جي راهه هموار ڪرڻ سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ ڪينيڊا جي وچ ۾ اقتصادي تعاون جي ڪاميابي جي سند ثابت ٿيندو. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هُن پاڪستان ۾ نئين مقرر ٿيل ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر طارق علي خان سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن هتي وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي خاص مددگار طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري پڻ موجود هئا. وزيراعظم ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر کي سندس مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته سندس مقرري دوران پاڪستان ۽ ڪينيڊا جي وچ ۾ پُراڻا ۽ دوستاڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن ڪينيڊين قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام پڻ ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪينيڊا سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ کاڻين ۽ معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجُود آهن. ريڪوڊڪ منصوبي جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته بيرڪ گولڊ پاڪستان جي کاڻين جي شعبي ۾ ترقي جي راهه هموار ڪرڻ سان گڏگڏ پاڪستان ۽ ڪينيڊا جي اقتصادي تعاون جي ڪامياب جي سند ثابت ٿيندو. ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان ۽ ڪينيڊا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي زراعت، توانائي، واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ ماڻهن جي اچ وڃ جي شعبن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڪينيڊا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڪينيڊا جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار کي ساراهيو جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي مضبوطي لاءِ پل جو ڪردار ادا ڪن ٿا.











