اڄ جيڪڏهن 27هين آئيني ترميم پيش ٿيندي ته اها ضرور منظور ٿيندي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد- 12 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اڄ جيڪڏهن 27هين آئيني ترميم پيش ٿيندي ته اها ضرور منظور ٿيندي، پاڪستاني فوج وانا ۾ 500 کان وڌيڪ شاگردن کي بچايو، اهو تاريخي آپريشن دنيا ياد رکندي. اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته اڄ جيڪڏهن 27هين آئيني …

اسلام آباد- 12 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اڄ جيڪڏهن 27هين آئيني ترميم پيش ٿيندي ته اها ضرور منظور ٿيندي، پاڪستاني فوج وانا ۾ 500 کان وڌيڪ شاگردن کي بچايو، اهو تاريخي آپريشن دنيا ياد رکندي. اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته اڄ جيڪڏهن 27هين آئيني ترميم پيش ڪئي وڃي ٿي ته اها ضرور منظور ٿيندي. ڪاش مخالف ڌر به ان تي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ڪري ها ۽ شق وار بحث ۾ حصو وٺي ها. هن چيو ته بل پڙهڻ کانسواءِ شور مچائڻ ۽ بيانيو ٺاهڻ جو ڪو به فائدو حاصل نه ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وانا ۾ پاڪ فوج 500 کان وڌيڪ شاگردن کي بچايو، هي پاڪستان فوج جو هڪ تاريخي آپريشن هو جنهن لاءِ اسان پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪ فوج جي هن تاريخي آپريشن کي دنيا ياد رکندي، وانا آپريشن دنيا جي فوجي اڪيڊميز ۾ پڙهايو ويندو. وفاقي وزير چيو ته دشمن کي پيغام آهي ته پاڪستان پاڻ کان چئُوڻ تي وڏي دشمن کي شڪست ڏني آهي، دشمن مورچا ڇڏي ڀڄي ويو هو، هي پراڪسي وار ته اسان لاءِ ڪو مسئلو ئي ناهي، دشمن کي هر محاذ تي شڪست ڏينداسين. صحافي جي سوال تي ته ڇا مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ محمد نواز شريف اڄ پارليامينٽ هائوس اچي رهيو آهي، جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير جواب ڏنو ته توهان جي به مُلاقات ڪرائينداسين.

مزید خبریں