اسلام آباد- 11 نومبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته مقامي حڪومت کانسواءِ جمهوريت جو تصور اڻپورو آهي. قومي سڃاڻپ، وفاق ۽ پاڪستانيت بابت معاملن تي غور ڪرڻ ضروري آهي. قومي اسيمبلي ۾ 27 هين آئيني ترميم تي بحث دوران دفاع واري وفاقي وزير چيو ته جمهوريت جو تصور بنيادي جمهوريت کان سواءِ ممڪن ناهي هوندو. جيستائين اختيار هيٺين سطح تي منتقل نه …
مقامي حڪومت کانسواءِ جمهوريت جو تصور اڻپورو آهي: دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف

مزید خبریں
اسلام آباد- 11 نومبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته مقامي حڪومت کانسواءِ جمهوريت جو تصور اڻپورو آهي. قومي سڃاڻپ، وفاق ۽ پاڪستانيت بابت معاملن تي غور ڪرڻ ضروري آهي. قومي اسيمبلي ۾ 27 هين آئيني ترميم تي بحث دوران دفاع واري وفاقي وزير چيو ته جمهوريت جو تصور بنيادي جمهوريت کان سواءِ ممڪن ناهي هوندو. جيستائين اختيار هيٺين سطح تي منتقل نه ٿا ٿين، جمهوريت اڻ پوري آهي. 18 هين ترميم کانپوءِ اختيار هيٺين سطح تي منتقل نه ٿيا. هن چيو ته پاڪستان ۾ بارودي آمرن مقامي حڪومتن جو نظام آندو، ضياءُ الحق ۽ جنرل مشرف به بلدياتي نظام ڏنا پر جمهوري دورن ۾ ان حوالي سان اڳڀرائي نه ٿي. هن چيو ته مقامي حڪومتن کانسواءِ وفاق به مضبوط نه ٿيندو، اسان سڀ جمهوريت جا نعرا لڳائيندا آهيون پر اسان جو ڪلچر ۽ ڊي اين اي جمهوري ناهي. مقامي حڪومتون پاڪستان ۽ عوام جي مفاد ۾ آهن. منهنجي گذارش آهي ته مقامي حڪومتن کي ٽيڪس جا اختيار ڏنا وڃن ان سان صوبن ۽ وفاق تي بار گهٽ ٿي ويندو ۽ ضلعي ۽ شهري گورنمينٽ وٽ وسيلا اچي سگهن ٿا. هن چيو ته طاقت ۽ اختيار پهريان مرڪز وٽ هئا ۽ هاڻي صوبائي حڪومتن وٽ آهن. هن چيو ته افغان جهاد لاءِ پاڪستان ۾ نصاب تبديل ڪيو ويو، هتي يونيورسٽي آف نيراسڪا جو نصاب متعارف ڪيو ويو. ان ئي نصاب کي پڙهندي هڪ نسل جوان ٿيو، ملڪ ۾ ڪٿي به هڪ جهڙي تاريخ ۽ جيوگرافي نه ٿي پڙهائي وڃي. پاڪستان جي وفاقي سڃاڻپ ۽ پاڪستانيت لاءِ به ڪم ٿيڻ گهرجي، گوادر ۽ چترال ۾ هڪ جهڙو نصاب هجڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته سپر پاور جي مفادن لاءِ جيڪو ڪجهه پڙهايو ويو آهي ان جو هن سرزمين ۽ مذهب سان ڪو به تعلق ناهي. ان نصاب سان انتهاپسندي ۽ پرتشدد ذهنيت جنم ورتو. قبضن جي زمينن تي مسجدون ۽ مدرسا ٺهي رهيا آهن. هن چيو ته قومي سڃاڻپ، وفاق ۽ پاڪستانيت لاءِ انهن معاملن تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. دفاع ۽ قرضن جي ادائيگي سڄي ملڪ جو معاملو ۽ گڏيل نصب العين آهي. هن چيو ته اهي معاملا ملڪ ۽ ملت بابت آهن ۽ انهن تي سڄي پارليامينٽ کي ڌيان ڏيڻ گهرجي. دفاع واري وزير چيو ته قوم کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اسان هڪ ئي آهيون، تازي جنگ ۾ سڄي قوم متحد هئي، اسان کي هڪ قوم طور پنهنجي سڃاڻپ ڏيڻي آهي ۽ ان کي آئيني تحفظ به ڏيڻ گهرجي.











