اسلام آباد -11 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد عدالت ٻاهران ڌماڪي واري هنڌ جو دورو ڪندي چيو آهي ته واقعي جي جامع جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي ۽ ذميوارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي. گهرو وزارت پاران جاري بيان موجب وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڌماڪي واري هنڌ جو معائنو ڪيو ۽ سرچ آپريشن جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. آءِ جي اسلام …
وفاقي گهرو وزير پاران اسلام آباد جي عدالت ٻاهران ڌماڪي واري هنڌ جو دورو، واقعي جي جامع جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم

مزید خبریں
اسلام آباد -11 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد عدالت ٻاهران ڌماڪي واري هنڌ جو دورو ڪندي چيو آهي ته واقعي جي جامع جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي ۽ ذميوارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي. گهرو وزارت پاران جاري بيان موجب وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڌماڪي واري هنڌ جو معائنو ڪيو ۽ سرچ آپريشن جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. آءِ جي اسلام آباد پوليس علي ناصر رضوي گهرو وزير کي ڌماڪي بابت بريفنگ ڏني. چيف ڪمشنر اسلام آباد محمد علي رنڌاوا ۽ پوليس اختياريون پڻ گهرو وزير سان گڏ هيون. وفاقي وزير اسلام آباد جي-اليون جي عدالت ٻاهران ڀارتي حمايت يافته ۽ افغان طالبان جي پٺڀرائي هيٺ فتنه الخوارج جي آپگهات ڌماڪي جي شديد مذمت ڪئي. محسن نقوي ڌماڪي ۾ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. گهرو وزير فوت ٿيل ماڻهن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته واقعي جي جامع جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي ۽ ڌماڪي جي ذميوارن جي جلد گرفتاري يقيني بڻائي وڃي.











