راولپنڊي-11 نومبر (اي پي پي) پاڪستان آرمي سمورن چئن انٽر سروسز ميچز ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي ٽين انٽر سروسز ڪومبيٽ شوٽنگ چيمپئن شپ 2025ع کٽي ورتي. پنجاب ريجمينٽ يونٽ فائرنگ پروفيشينسي ميچ گروپ-1 جو اعزاز کٽيو. سپاهي محمد عرفان (پنجاب ريجمينٽ) ماستر ايٽ آرمز جو خطاب حاصل ڪيو. نائب صوبيدار عمر فاروق (آرمي مارڪ مين شپ يونٽ) آرمي هنڊرڊ رائفل ميچ ٽرافي کٽي ورتي. آءِ ايس پي آر مان جاري …
پاڪستان آرمي ٽين انٽر سروسز ڪومبيٽ شوٽنگ چيمپئن شپ کٽي ورتي، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي تقريب ۾ خاص شرڪت

مزید خبریں
راولپنڊي-11 نومبر (اي پي پي) پاڪستان آرمي سمورن چئن انٽر سروسز ميچز ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي ٽين انٽر سروسز ڪومبيٽ شوٽنگ چيمپئن شپ 2025ع کٽي ورتي. پنجاب ريجمينٽ يونٽ فائرنگ پروفيشينسي ميچ گروپ-1 جو اعزاز کٽيو. سپاهي محمد عرفان (پنجاب ريجمينٽ) ماستر ايٽ آرمز جو خطاب حاصل ڪيو. نائب صوبيدار عمر فاروق (آرمي مارڪ مين شپ يونٽ) آرمي هنڊرڊ رائفل ميچ ٽرافي کٽي ورتي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب 45هين پاڪستان آرمي رائفل ايسوسيئيشن (پي اي آر اي) سينٽر ميٽ جي پڄاڻي واري تقريب آرمي مارڪ مين شپ يونٽ جهلم ۾ منعقد ٿي. چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نشانِ امتياز (ملٽري)، هلال جرئت تقريب ۾ خاص مهمان طور تي شرڪت ڪئي. 45هين پي اي آر اي سينٽرل ميٽ جو بندوبست پهرين آڪٽوبر کان 10 نومبر تائين ٿيو. ان ۾ 2 هزار کان وڌيڪ شرڪت ڪندڙن پاڪستان آرمي، پاڪ فضائيه، پاڪ بحريه، سول آرمڊ فورسز، پنجاب، سنڌ، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ فيڊرل رائفل ايسوسيئيشنز جي نمائندگي ڪندي ڀرپور جذبي ۽ جوش سان نشاني بازي جي بهترين مهارت جو مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي سندن بهترين نشاني بازي کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته نشاني بازي ۾ مهارت فوجي تربيت جو بنيادي مقصد هئڻ گهرجي. ٻئي پاسي چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، ملٽري ڪاليج جهلم جي سؤ ساله تقريب ۾ خاص مهمان طور پڻ شرڪت ڪئي. آرمي چيف سؤ ساله يادگار ۽ ڪاليج ميوزيم جو افتتاح ڪيو، جيڪو اداري جي هڪ صديءَ تي ٻَڌل خدمتن ۽ ورثي جي علامت آهي. هن اداري جي ڪردار کي ساراهيو جيڪو قيادت، نظم ۽ ضبط ۽ حب الوطني کي هٿي وٺرائن ۾ معاون رهيو آهي. چيف آف آرمي اسٽاف شهيدن جي يادگار تي گل چاڙهيا. آرمي چيف جي پهچڻ تي ڪمانڊر راولپنڊي ڪور ۽ انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايويليو ايشن سندس استقبال ڪيو.











