اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) ڪيڊٽ ڪاليج وانا مان فورسز هن وقت تائين 115 ماڻهن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪيو آهي. ڪاليج ۾ موجود 3 افغان خوارجين کي ڪاليج جي هڪ مخصوص عمارت تائين محدود ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب ڪيڊٽ ڪاليج تي حملي وقت 525 ڪيڊٽس سميت اٽڪل 650 ماڻهو موجود هئا. سيڪيورٽي فورسز هن وقت تائين 115 ماڻهن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪري ورتو آهي. سيڪيورٽي …
ڪيڊٽ ڪاليج وانا مان فورسز هن وقت تائين 115 ماڻهن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪيو آهي: سيڪيورٽي ذريعا

مزید خبریں
اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) ڪيڊٽ ڪاليج وانا مان فورسز هن وقت تائين 115 ماڻهن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪيو آهي. ڪاليج ۾ موجود 3 افغان خوارجين کي ڪاليج جي هڪ مخصوص عمارت تائين محدود ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب ڪيڊٽ ڪاليج تي حملي وقت 525 ڪيڊٽس سميت اٽڪل 650 ماڻهو موجود هئا. سيڪيورٽي فورسز هن وقت تائين 115 ماڻهن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪري ورتو آهي. سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ جنهن عمارت ۾ افغان خوارجي موجود آهن اها ڪيڊٽس جي رهائشي عمارت کان ڪافي فاصلي تي واقع آهي. هن وقت تائين سمورا ڪيڊٽ محفوظ آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب افغان خوارجين جي ڪاليج ۾ موجودگي سبب ڪيڊٽس جي حياتين جي تحفظ کي نظر ۾ رکندي آپريشن نهايت احتياط سان جاري آهي. ڪاليج جي حدن مان ڪيڊٽس کي ٻاهر ڪڍڻ جو عمل آهستي آهستي جاري آهي. هن وقت به ڪاليج اندر اٽڪل 535 ماڻهو موجود آهن. وانا ڪيڊٽ ڪاليج ۾ موجود 3 افغان خوارجين خلاف آپريشن پوري شدت سان جاري آهي. واضح رهي ته 10 نومبر تي افغان خوارجين ڪاليج جي مرڪزي گيٽ تي بارود سان ڀريل گاڏي ٽڪرائي هئي، ڌماڪي سبب ڪاليج جو مرڪزي دروازو مڪمل طور ڊهي چڪو آهي جڏهن ته ويجهين عمارتن کي به نقصان پهتو آهي. پاڪ فوج جي جوانن فوري ۽ بهادري سان ڪارروائي ڪندي 2 خوارجين کي موقعي تي ئي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. معصوم قبائلي ٻارن تي حملو ڪندڙ دهشتگردن جو نه اسلام سان ڪو تعلق آهي ۽ نه ئي پاڪستان جي خوشحالي سان آهي. سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي، ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن جاري آهي.











