اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي بار ايسوسيئيشن جي صدر هارون الرشيد، سيڪريٽري ملڪ زاهد اسلم اعواڻ ۽ ٻين عهديدارن اسلام آباد جي علائقي جي-11 ۾ ضلعي عدالت ٻاهران ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. هتي جاري پڌرائيءَ موجب ان افسوسناڪ واقعي ۾ شهيد ٿيلن ۾ ايس سي بي اي پي جو ميمبر ايڊووڪيٽ زبير اسلم گهمن (اڳوڻو ايڊيشنل سيڪريٽري) پڻ …
سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران اسلام آباد ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي بار ايسوسيئيشن جي صدر هارون الرشيد، سيڪريٽري ملڪ زاهد اسلم اعواڻ ۽ ٻين عهديدارن اسلام آباد جي علائقي جي-11 ۾ ضلعي عدالت ٻاهران ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. هتي جاري پڌرائيءَ موجب ان افسوسناڪ واقعي ۾ شهيد ٿيلن ۾ ايس سي بي اي پي جو ميمبر ايڊووڪيٽ زبير اسلم گهمن (اڳوڻو ايڊيشنل سيڪريٽري) پڻ شامل آهي. سپريم ڪورٽ بار جي صدر، سيڪريٽري ۽ ڪابينه جي ميمبرن زبير اسلم گهمن ايڊووڪيٽ ۽ ٻين شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هي واقعو دهشتگرديءَ جي هڪ انتهائي بزدلاڻي ۽ افسوسناڪ ڪارروائي آهي جنهن پوري وڪيل برادري ۽ قوم کي ڏک ۾ وجهي ڇڏيو آهي. صدر هارون الرشيد چيو ته گاديءَ واري شهر ۾ ان نوعيت جو آپگهاتي حملو نه صرف وڪيل برادري پر عام شهرين جي تحفظ جي حوالي سان سنگين خدشا پيدا ڪري ٿو. هن چيو ته دهشتگرديءَ خلاف سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون تحسين جوڳيون آهن جڏهن ته اهڙن عنصرن کي قانون جي ڪٽهڙيءَ ۾ آڻڻ اڻٽر آهي، جيڪي ملڪ جي امن کي تباهه ڪرڻ ۽ خوف ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن مطالبو ڪيو ته ان وحشياڻي فعل جي ذميدارن کي فوري طور تي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، وفاقي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا وڪيل برادري سميت عام شهرين جي تحفظ لاءِ اثرائتا ۽ جٽادار قدم کڻن ته جيئن آئنده اهڙن افسوسناڪ واقعن جي روڪٿام ڪري سگهجي.











