اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف امن ۽ استحڪام کي جٽادار ترقي جو بنياد قرار ڏيندي چيو آهي، ته سڄي دنيا ۾ جاري تڪرارن امن جي اهميت کي وڌيڪ اجاگر ڪيو آهي، پاڪستان ثابت ڪيو آهي، ته هو پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ لاءِ هر قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پرامن ۽ مستحڪم افغانستان ئي علائقائي رابطن، ترقي ۽ خوشحالي جي ڪنجي آهي، افغان …
سڄي دنيا ۾ جاري تڪرارن امن جي اهميت کي وڌيڪ اجاگر ڪيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو اسپيڪرز ڪانفرنس کي خطاب

مزید خبریں
اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف امن ۽ استحڪام کي جٽادار ترقي جو بنياد قرار ڏيندي چيو آهي، ته سڄي دنيا ۾ جاري تڪرارن امن جي اهميت کي وڌيڪ اجاگر ڪيو آهي، پاڪستان ثابت ڪيو آهي، ته هو پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ لاءِ هر قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پرامن ۽ مستحڪم افغانستان ئي علائقائي رابطن، ترقي ۽ خوشحالي جي ڪنجي آهي، افغان عارضي حڪومت ٽي ٽي پي ۽ ٻين گروپن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪري، ڪو به ملڪ اڪيلي سر ترقي نٿو ڪري سگهي، پاڪستان جامع معاشي سڌارا ڪري رهيو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، سيڪريٽري جنرل آءِ ايس سي ايڪانٿ ڌڪل به موجود هئا. ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا جي نمائندن ۽ پارلياماني وفدن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو سڄي دنيا مان ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ آيل اسپيڪرز، پارليامينٽيرينز ۽ نمائندن جي آجيان ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان لاءِ هن اهم ڪانفرنس جو بندوبست ڪرڻ اعزاز آهي، جنهن ذريعي پارلياماني قيادت، امن، سلامتي ۽ ترقي جي گڏيل ويزن تي ڳالهين ڪرڻ لاءِ هتي گڏ ٿي آهي. هن سينيٽ چيئرمين ۽ آءِ ايس سي جي باني چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي خاص طور تعريف ڪئي جنهن جي ڪوششن ۽ عزم هن فورم کي حقيقت ۾ بدلايو. وزيراعطم چيو ته هن ڪانفرنس جو موضوع امن، سلامتي ۽ ترقي نهايت وقت سر ۽ انتهائي اهم آهي. جيتوڻيڪ هي موضوع هتي موجود سمورن ملڪن لاءِ اهميت رکي ٿو پر پاڪستان لاءِ اهو خاص اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته 1947ع ۾ آزادي کان پوءِ پاڪستان هميشه کان ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي امن جو حمايتي رهيو آهي. اسان پختو يقين رکون ٿا ته امن ۽ سلامتي ئي قومي ۽ علائقائي ترقي جو بنياد آهي. امن جو حقيقي قدر ان وقت سڀ کان وڌيڪ محسوس ٿيندو آهي جڏهن اسان انهن تڪرارن کي منهن ڏيندا آهيون جن جي ڪري اڄ به دنيا ٻري رهي آهي. وزيراعظم ياد ڏياريو ته پاڪستان به ان بحراني ڪيفيت کي سڌي ريت يا اڻ سڌي طرح منهن ڏنو آهي. پر اسان هميشه امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکي. هن شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ته هن سال مئي ۾ پاڪستان کي سرحد پار کان بنا سبب جي جارحيت جو منهن ڏسڻو پيو جنهن ۾ اسان جي پيشيواراڻي ۽ بهادر هٿياربند فوج شاندار تياري ۽ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ اسان جي زميني ۽ هوائي دفاع لاءِ وقت سر ۽ فيصلائتي ڪارروائي نه رڳو دشمن جي عزمن کي ناڪام بڻايو پر پوري دنيا سامهون اها حقيقت چٽي ڪري ڇڏي ته پاڪستان پنهنجي دفاع، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي دفاع کان ڪنهن به قيمت تي پوئتي نه هٽندو. وزيراعظم چيو ته هڪ پرامن افغانستان علائقائي رابطن، ترقي ۽ خوشحالي جي ڪنجي آهي. بدقسمتي سان اتي امن ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ناهي رهيو. پر پاڪستان ڪڏهن به اميد نه لاٿي آهي. اسان پرامن پاڙيسري تي يقين رکون ٿا ۽ ان مقصد لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اها انتهائي بدقسمتي آهي ته عسڪريت پسند گروپ نه رڳو افغانستان اندر پر سرحد پار به امن کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن. گذريل مهيني جڏهن اسان جي سرحدي چوڪين تي افغانستان طرفان حملا ڪيا ويا ته اسان جو جواب چٽو ۽ فيصلائتو هو. اسان انهن عنصرن کي ناقابل فراموش سبق سيکاريو جن پاڪستان تي حملو ڪرڻ جي جرئت ڪئي. وزيراعظم ان سلسلي ۾ ڀائر ملڪن خاص ڪري ترڪيه ۽ قطر جي ڪوششن جي تعريف ڪئي جن پاڪستان ۽ افغان طالبان وچ ۾ ڳالهين ۾ سهولتڪاري ڪئي. هن چيو ته افغانستان کي سمجهڻو پوندو ته امن ان وقت تائين ممڪن ناهي جيستائين ٽي ٽي پي ۽ ٻين گروپن کي ڪنٽرول نه ڪيو ويندو جيڪي افغان سر زمين تان ڪارروائيون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ان سلسلي ۾ عملي قدم کڻڻ لاءِ تيار آهي، پر شرط اهو آهي ته افغان عارضي حڪومت به اسان جي جائز خدشن جي حل لاءِ ٺوس ۽ معنيٰ خيز قدم کڻي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هميشه مظلومن جي حق ۾ آواز اٿاريو آهي، پوءِ اهو غزه جو معاملو هجي يا ڀارتي غيرقانوني قبضي جو شڪار ڄمون ڪشمير جو مظلوم عوام يا اهي سموريون قومون جن کي اڄ به بنيادي حقن ۽ آزادين کان محروم رکيو ويو آهي. هن چيو ته اسان جي مستقل وابستگي امن ۽ سلامتي کي هٿي وٺائڻ آهي، پوءِ اهي گڏيل قومون هجن، او آءِ سي، اي سي او، ايس سي او يا ٻيا اهم عالمي پليٽ فارم. هن چيو ته دنيا ۾ تڪرارن جي باهه غربت، اڻ برابري ۽ ناانصافي سان ٻرندي آهي، محرومي، عدم استحڪام کي جنم ڏيندي آهي. هن عدم استحڪام ۽ تڪرارن کي منهن ڏيڻ لاءِ ترقي جي قدمن جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته پاڪستان ۾ اسان جي حڪومت جامع سڌارن جي شروعات ڪئي آهي. جن جو مقصد سڀني جي شموليت سان ترقي جي راهه تي گامزن ٿيڻ، اداره جاتي مضبوطي ۽ نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ آهي. هن چيو ته ننڍا ۽ وچولي درجي جا ڪاروبار معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا. انهي لاءِ اسان ايس ايم اي فنانسنگ وڌائي رهيا آهيون ته جيئن روزگار پيدا ٿئي، نواڻ اچي ۽ معاشي وسيع بنياد جي شموليت ممڪن ٿئي. هن شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته حڪومت عورتن کي ڊجيٽل مهارتون فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، مالي وسيلن تائين انهن جي پهچ آسان بڻائي پئي وڃي ۽ قيادت جا موقعا ڏنا پيا وڃن ته جيئن هو پنهنجي مڪمل صلاحيتن سان پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي تبديلي ۾ حصو وجهي سگهن. وزيراعظم چيو ته عالمي محاذ تي پاڪستان عالمي مالياتي ادارن ۽ ترقياتي شراڪتدارن سان گڏجي مالياتي سڌارا، ڪلائميٽ ريزيلئنس ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ لاءِ سرگرم آهي جيڪو هڪ مضبوط ۽ خوشحال مستقبل لاءِ اڻٽر آهي. اسان جو ايمان آهي ته ڪا به قوم اڪيلي سر ترقي نٿي ڪري سگهي. اسان جون تقديرون هڪ ٻئي سان جڙيل آهن. وزيراعطم پارليامينٽيرين کي عوام جي خواهشن جو امين قرار ڏيندي چيو ته عوام جا چونڊيل نمائندا ان قومي ۽ عالمي سفر ۾ انتهائي اهم ڪردار رکن ٿا. اسان پنهنجي عوام جي مقدس امانت جا نگهبان آهيون. ۽ اسان کي سندن اميدن تي پورو لهڻو آهي. پنهنجي پوري اهليت ۽ نيڪ نيتي سان پنهنجي قوم جي اجتماعي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪانفرنس دوران ٿيندڙ بامقصد ڳالهيون نوان رستا کولينديون ۽ گڏيل ڪوششن سان اڳيان وڌڻ ۾ مدد ڪنديون. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سمورين قومن جو عوام امن کي هٿي وٺائڻ، جٽادار ترقي حاصل ڪرڻ ۽ اجتماعي سلامتي جي استحڪام لاءِ گڏ ٿيندو ته جيئن اسان دائمي امن ۽ گڏيل خوشحال مستقبل جي تعمير ڪري سگهون.











