اسلام آباد -11 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سينيٽر عرفان صديقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته عرفان صديقي جي وفات جي خبر ٻڌي تمام گهڻو صدمو پهتو آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ همت رکندڙ مفڪر، استاد ۽ اصول پسند دانشور کان محروم ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته عرفان صديقي سدائين علم، برداشت، سنجيدگي ۽ منطق …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران سينيٽر عرفان صديقي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد -11 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سينيٽر عرفان صديقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته عرفان صديقي جي وفات جي خبر ٻڌي تمام گهڻو صدمو پهتو آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ همت رکندڙ مفڪر، استاد ۽ اصول پسند دانشور کان محروم ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته عرفان صديقي سدائين علم، برداشت، سنجيدگي ۽ منطق کي پنهنجي لکڻين ۽ شخصيت کي محور بڻايو. هن چيو ته عرفان صديقي مسلم ليگ (ن) جو اهم ميمبر ۽ اسان جو ويجهو ساٿي هو، سندس شمار محمد نواز شريف ۽ پارٽي جي وفادار ساٿين ۾ ٿيندو آهي. هن چيو ته عرفان صديقي جون پارٽي لاءِ خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. سندس علمي خدمتون ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه رهندي، هو هڪ مهربان، نرم مزاج ۽ انتهائي نفيس انسان هو. هن چيو ته عرفان صديقي هر موقعي تي هاڪاري سوچ ۽ علمي ديانت جي بنياد تي رهنمائي ڪئي. هن چيو ته سندس موت منهنجي لاءِ علمي دنيا ۽ معاشري لاءِ تمام وڏو نقصان آهي، الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ سوڳوار خاندان کي صبر عطا فرمائي.











