اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پاران سينيٽر عرفان صديقي جي وفات تي افسوس جو اظهار، عرفان صديقي اسان جي پارٽي جو روشن ضمير، سچو ۽ وفادار ساٿي هو: عطاالله تارڙ

اسلام آباد -11 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳواڻ، نامياري سياستدان، محقق ۽ دانشور سينيٽر عرفان صديقي جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته سينيٽر عرفان صديقي جو لاڏاڻو ناقابل تلافي علمي ۽ فڪري نقصان آهي، هو پارٽي جو روشن ضمير ۽ سچو وفادار ساٿي هو.  سندس شفيق شخصيت کي هميشه ياد رکيو …

اسلام آباد -11 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳواڻ، نامياري سياستدان، محقق ۽ دانشور سينيٽر عرفان صديقي جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته سينيٽر عرفان صديقي جو لاڏاڻو ناقابل تلافي علمي ۽ فڪري نقصان آهي، هو پارٽي جو روشن ضمير ۽ سچو وفادار ساٿي هو.  سندس شفيق شخصيت کي هميشه ياد رکيو ويندو. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته مرحوم جي زندگي علم، اخلاق ۽ خدمت سان ڀرپور هئي، هو اسان لاءِ رهنمائي، محبت ۽ برداشت جي علامت هو. قوم هميشه سندس علم ۽ ڪردار جي روشني مان فيض حاصل ڪندي رهندي. هن چيو ته سينيٽر عرفان صديقي جي وفات وڏو علمي ۽ اخلاقي نقصان آهي، هو علم ۽ ادب جو روشن ڏيئو، وفادار ساٿي ۽ درويش صفت انسان هو، سندس شخصيت ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه رهندي. وفاقي وزير چيو ته عرفان صديقي جي شفيق مسڪراهٽ، فڪري گهرائي ۽ بردباري ڪڏهن به وساري نٿي سگهجي، هو سچو محب وطن ۽ اسان جي پارٽي لاءِ خلوص رکندڙ انسان هو. هن چيو ته سينيٽر عرفان صديقي منهنجي ڏاڏي ۽ پاڪستان جي اڳوڻي صدر  جي پراڻن دوستن مان هو.  سندس وفات جي خبر ٻڌي دلي صدمو پهتو آهي. سندس ڪٽنب جو ڏک اصل ۾ اسان جي خاندان جو ڏک آهي. هن چيو ته عرفان صديقي جي علم دوستي، شائستگي هميشه ياد رکي ويندي. هن چيو ته اڄ اسان هڪ اهڙي بزرگ، استاد ۽ دوست خاندان کان محروم ٿيا آهيون جيڪو هميشه رهنمائي ۽ محبت جو پيڪر رهيو. سندس وڃڻ سان جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، اهو ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگهي. هن عرفان صديقي کي سلام عقيدت پيش ڪندي چيو ته مرحوم علم ۽ وقار جو پيڪر هو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئرن کي صبر عطا فرمائي.

مزید خبریں