ٻن ڏينهن واري بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس اسلام آباد ۾ شروع ٿي وئي

اسلام آباد- 11 نومبر (اي پي پي) ٻن ڏينهن واري بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي شروعات اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ ٿي. ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا جي 40 کان وڌيڪ ملڪن جا اسپيڪرز، ڊپٽي اسپيڪرز ۽ پارلياماني وفد شرڪت ڪري رهيا آهن. ان اهم سفارتي اجتماع کي عالمي امن، سلامتي ۽ پائيدار ترقي کي هٿي وٺائڻ لاءِ پاڪستان جي وڌندڙ ڪردار جي علامت قرار ڏنو پيو وڃي. افتتاحي اجلاس جي …

اسلام آباد- 11 نومبر (اي پي پي) ٻن ڏينهن واري بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي شروعات اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ ٿي. ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا جي 40 کان وڌيڪ ملڪن جا اسپيڪرز، ڊپٽي اسپيڪرز ۽ پارلياماني وفد شرڪت ڪري رهيا آهن. ان اهم سفارتي اجتماع کي عالمي امن، سلامتي ۽ پائيدار ترقي کي هٿي وٺائڻ لاءِ پاڪستان جي وڌندڙ ڪردار جي علامت قرار ڏنو پيو وڃي. افتتاحي اجلاس جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي. جنهن کان پوءِ قومي ترانو پيش ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ۽ مختلف عالمي تنظيمن جا نمائندا ان موقعي تي موجود هئا. هن ڪانفرنس جو موضوع ”امن، سلامتي ۽ ترقي“ آهي، جيڪو ان وڌندڙ عالمي اتفاق راءِ جي عڪاسي ڪري ٿو ته پائيدار ترقي ۽ عالمي استحڪام هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. بين الپارلياماني يونين جي سيڪريٽري جنرل مارٽن چونگونگ جنيوا مان پنهنجي خاص وڊيو پيغام ۾ ڪانفرنس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته امن، سلامتي ۽ ترقي پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن ۽ اسان کي عالمي خوشحالي ۽ انصاف لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻيون پونديون. آءِ ايس سي، جي سفير مصباح کار مهمانن جي آجيان ڪندي چيو ته سڄي دنيا مان پارلياماني اڳواڻن جي شرڪت ان ڳالهه جي علامت آهي ته اختلاف بجاءِ بحث کي ترجيح ڏني پئي وڃي. هن چيو ته هي ڪانفرنس اتحاد ۽ هم آهنگي جي علامت آهي ۽ سينيٽ چيئرمين جي ان ويزن جو مظهر آهي جنهن 40 کان وڌيڪ پارلياماني اڳواڻن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو آهي. جڏهن امن نه هوندو آهي ته ترقي به رڪجي ويندي آهي. آءِ ايس سي، جي سيڪريٽري جنرل اي ڪي ناٿ ڌاڪل پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسلام آباد ۾ معزز مهمانن جي ميزباني اسان لاءِ اعزاز آهي. هن چيو ته آءِ ايس سي هڪ گهڻ رخي بين الحڪومتي اداري طور تي عالمي مسئلن جهڙوڪ ماحولياتي چئلينجز ۽ امن لاءِ سهڪار کي هٿي ڏي ٿو. هن سمورن شرڪت ڪندڙن تي زور ڀريو ته هو امن، سلامتي ۽ ترقي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪن. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پارليامان ۽ پاڪستان جي عوام طرفان مهمانن جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته هي ڪانفرنس وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾ پاڪستان جي ان عزم جي مظهر آهي ته اسان عالمي هم آهنگي ۽ سهڪار کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته امن ۽ سلامتي لازمي آهي ۽ جيستائين امن قائم نه ٿو ٿئي پائيدار ترقي ممڪن ناهي افتتاحي اجلاس جي پڄاڻي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ايس سي، جي سيڪريٽري جنرل اي ڪي ناٿ ڌاڪل ۽ آءِ ايس سي جي سفير مصباح کار کي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي.

مزید خبریں