صدر پاران اسلام آباد ضلعي جوڊيشل ڪمپليڪس جي ويجهو خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت

اسلام آباد- 11 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اسلام آباد ضلعي جوڊيشل ڪمپليڪس جي ويجهو خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي. ايوام صدر جي پريس ونگ موجب صدر فوت ٿيندڙن جي خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته دهشتگرد عنصر پاڪستان جي امن ۽ استحڪام جا دشمن آهن. هن چيو …

اسلام آباد- 11 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اسلام آباد ضلعي جوڊيشل ڪمپليڪس جي ويجهو خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي. ايوام صدر جي پريس ونگ موجب صدر فوت ٿيندڙن جي خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته دهشتگرد عنصر پاڪستان جي امن ۽ استحڪام جا دشمن آهن. هن چيو ته مُلڪ ۾ ٻاهرين مدد سان سرگرم دهشتگردن جو مڪمل خاتمو ڪرڻ ضروري آهي. صدر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو.

مزید خبریں