رياض - 29 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي سيڙپڪاري بابت وزير انجنيئر خالد الفالح چيو آهي ته مملڪت ۾ سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ مسلسل اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن رياض ۾ فيوچر انويسٽمينٽ انيشيئيٽو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته مُلڪ ۾ سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ چئوڻ تي وڌيڪ اضافو ٿيو آهي جيڪو ويزن 2030ع جي مقرر هدف کان وڌيڪ آهي. هن …
سعودي عرب ۾ سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ چئوڻ تي وڌيڪ اضافو رڪارڊ
رياض – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي سيڙپڪاري بابت وزير انجنيئر خالد الفالح چيو آهي ته مملڪت ۾ سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ مسلسل اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن رياض ۾ فيوچر انويسٽمينٽ انيشيئيٽو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته مُلڪ ۾ سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ چئوڻ تي وڌيڪ اضافو ٿيو آهي جيڪو ويزن 2030ع جي مقرر هدف کان وڌيڪ آهي. هن واضع ڪيو ته سعودي عرب جي معيشت جو هاڻي رڳو تيل تي دارومدار ناهي رهيو . مملڪت جا 40 سيڪڙو خرچ ۽ بجيٽ جي آمدني تيل کان هٽي ڪري ٻين ذريعن مان حاصل ٿيندي آهي جڏهن ته 90 سيڪڙو پرڏيهي سيڙپڪاري به ٻين شعبن ۾ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سعودي عرب صنعتي ترقي، ٽيڪنالاجي، سياحت، ايجادن، سائنسي علم جهڙن شعبن ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. ڪورونا وائرس جي وبا ۽ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ علائقائي ڇڪتاڻ جهڙن چئلينجز تي بهترين انداز ۾ ضابطو آندو ويو جنهن جو ڪريڊٽ مستحڪم ملڪي معيشت ڏانهن وڃي ٿو . سيڙپڪاري واري وزير چيو ته نان آئل اڪانامي پنج سيڪڙو تائين وڌي چڪي آهي، گذريل 2 سالن ۾ مملڪت ۾ مصنوعي ذهانت، ڊجيٽل تبديلي ۽ ٻين اڀرندڙ شعبن ۾ نئين ۽ پرڪشش سيڙپڪاري جا موقعا سامهون آيا آهن








