بڊاپسٽ- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) هنگري جي وزيراعظم وڪٽر اوربان چيو آهي ته يوڪرين جي مستقبل جي سيڪيورٽي ماڊل ۽ ٽياڪڙي عمل ۾ يورپ کي شامل نه پيو ڪيو وڃي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن چيو ته امن عمل تي مڪمل ڪنٽرول آمريڪا ۽ روس وٽ آهي ۽ يورپ ان ۾ بلڪل پس منظر ۾ آهي. هنگري جي وزيراعظم اعلان ڪيو ته هو جلد ئي آمريڪا ويندو ته جيئن …
يوڪرين جي مستقبل جي سيڪيورٽي فيصلن ۾ يورپ کي شامل نه ڪيو ويندو: هنگري
بڊاپسٽ- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) هنگري جي وزيراعظم وڪٽر اوربان چيو آهي ته يوڪرين جي مستقبل جي سيڪيورٽي ماڊل ۽ ٽياڪڙي عمل ۾ يورپ کي شامل نه پيو ڪيو وڃي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن چيو ته امن عمل تي مڪمل ڪنٽرول آمريڪا ۽ روس وٽ آهي ۽ يورپ ان ۾ بلڪل پس منظر ۾ آهي. هنگري جي وزيراعظم اعلان ڪيو ته هو جلد ئي آمريڪا ويندو ته جيئن آمريڪي صدر سان روس جي تيل جي پابندين تي ڳالهيون ڪندو جيڪي هنگري لاءِ انتهائي اهم آهن . هن انهن پابندين کي هنگري جي نقطه نظر کان ” غلطي “ قرار ڏنو ۽ چيو ته هو هميشه ان جو حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪندو.








