برازيليا- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) برازيل جي اڳوڻي صدر بولسو نارو 27 سال قيد جي سزا خلاف اپيل داخل ڪرائي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق برازيل جي اڳوڻي صدر بولسو نارو گذريل ڏينهن سپريم فيڊرل ڪورٽ ۾ پنهنجي 27 سال ۽ 3 مهينا قيد جي سزا خلاف اپيل درج ڪرائي ڇڏي جنهن ۾ هن سزا جو جائزو وٺڻ ۽ ان ۾ گهٽتائي جي درخواست ڪئي آهي. بولسونارو جي قانوني …
برازيل جي اڳوڻي صدر بولسو نارو پاران 27 سال قيد جي سزا خلاف اپيل داخل
برازيليا- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) برازيل جي اڳوڻي صدر بولسو نارو 27 سال قيد جي سزا خلاف اپيل داخل ڪرائي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق برازيل جي اڳوڻي صدر بولسو نارو گذريل ڏينهن سپريم فيڊرل ڪورٽ ۾ پنهنجي 27 سال ۽ 3 مهينا قيد جي سزا خلاف اپيل درج ڪرائي ڇڏي جنهن ۾ هن سزا جو جائزو وٺڻ ۽ ان ۾ گهٽتائي جي درخواست ڪئي آهي. بولسونارو جي قانوني ٽيم موقف اختيار ڪيو ته ڪيس جي ڪارروائي ۾ بنيادي قانوني اصولن جي خلاف ورزي ڪئي وئي، جنهن ۾ دفاع جو مناسب موقعو فراهم نه ڪرڻ ۽ تڪراري وعده معاف گواهي تي دارومدار شامل آهي. وڪيلن ڪيس ۾ قانوني غلطين جي نشاندهي به ڪئي. ياد رهي ته هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ سپريم فيڊرل ڪورٽ چار جي ڀيٽ ۾ هڪ ووٽ تان فيصلو ٻڌائيندي بولسو نارو کي 2023ع جي ناڪام بغاوت جي قيادت ڪرڻ جو مرڪزي ڏوهاري قرار ڏنو هيو.








