چيڪ صدر، آندري بابش کي نئين حڪومت ٺاهڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو

پراگ- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) چيڪ جي صدر پيٽر پاويل، آندري بابش جيڪو اي اين تحريڪ جو سربراهه آهي کيس نئين حڪومت ٺاهڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اي اين او پارٽي فريڊم اينڊ ڊائريڪٽ ڊيمو ڪريسي(ايس پي ڊي ) ۽ موٽورسٽس فار دي ايئر سيلوز وچ ۾ اتحادي ڳالهيون گذريل ٻن هفتن کان جاري آهن ان ۾ اهم اڳڀرائي ٿي چڪي آهي. آندري بابش، سماجي …

پراگ- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) چيڪ جي صدر پيٽر پاويل، آندري بابش جيڪو اي اين تحريڪ جو سربراهه آهي کيس نئين حڪومت ٺاهڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اي اين او پارٽي فريڊم اينڊ ڊائريڪٽ ڊيمو ڪريسي(ايس پي ڊي ) ۽ موٽورسٽس فار دي ايئر سيلوز وچ ۾ اتحادي ڳالهيون گذريل ٻن هفتن کان جاري آهن ان ۾ اهم اڳڀرائي ٿي چڪي آهي. آندري بابش، سماجي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته صدارتي مينڊيٽ کانپوءِ اتحادي جماعتون حڪومت جي پروگرام ۽ معاهدي کي قطعي شڪل ڏيڻ ۾ مصروف آهن. ان موجب دستاويز تيار ٿيندي ئي ڪابينا جي جوڙ جڪ جي مرحلي طرف وينداسين ۽ هدف ڊسمبر جي وچ تائين نئين حڪومت قائم ڪرڻ آهي. ايس پي ڊي جي اڳواڻ ٽوميو اوڪا مورا به ايڪس تي تصديق ڪئي ته ڳالهيون سٺي ماحول ۾ جاري آهن. صدر پاويل سان ملاقات بعد آندري بابش صحافين کي ٻڌايو ته اتحادي معاهدو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ صحيحين لاءِتيار ٿي سگهي ٿو.