سعودي ولي عُهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان مُلاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

رياض-28 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سعودي ولي عُهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان مُلاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو، ٻنهي ملڪن جي گهري ڀائيواري ۽ خوشحالي جي گڏيل ويزن کي اڳتي وڌائڻ تي سعودي ولي عهد جي عزم ۽ تعاون تي ٿورائتا آهيُون. سعودي ولي عُهد ۽ …

رياض-28 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سعودي ولي عُهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان مُلاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو، ٻنهي ملڪن جي گهري ڀائيواري ۽ خوشحالي جي گڏيل ويزن کي اڳتي وڌائڻ تي سعودي ولي عهد جي عزم ۽ تعاون تي ٿورائتا آهيُون. سعودي ولي عُهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات کان پوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف سوشل پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته مُلاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم کي ورجايو ۽ ملاقات ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ آزمايل ڀائيواري کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي گهري ڀائيواري ۽ خوشحالي جي گڏيل ويزن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سعودي ولي عهد جي عزم ۽ مُسلسل تعاون تي سندس ٿورائتا آهيُون. هِن چيو ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات خوشي ۽ اعزاز جي ڳالهه آهي.