آمريڪي صدر ڪئناڊا سان واپاري ڳالهيون معطل ڪري ڇڏيون

واشنگٽن – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اسان ڪئناڊا سان واپاري ڳالهيون معطل ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر چيو ته هن ڪئناڊا سان واپاري ڳالهيون هڪ جعلي اشتهار سامهون اچڻ کانپوءِ ڪيون جنهن ۾ آمريڪا جي اڳوڻي ۽ آنجهاني صدر رونالڊ ريگن ٽيڪس بابت ناڪاري تبصرو ڪيو هو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هلندڙ سال جي شروعات ۾ ڪئناڊا کان اسٽيل، …

واشنگٽن – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اسان ڪئناڊا سان واپاري ڳالهيون معطل ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر چيو ته هن ڪئناڊا سان واپاري ڳالهيون هڪ جعلي اشتهار سامهون اچڻ کانپوءِ ڪيون جنهن ۾ آمريڪا جي اڳوڻي ۽ آنجهاني صدر رونالڊ ريگن ٽيڪس بابت ناڪاري تبصرو ڪيو هو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هلندڙ سال جي شروعات ۾ ڪئناڊا کان اسٽيل، ايلومينيم ۽ گاڏين جي آمدني واپار تي ٽيڪس لاڳو ڪيو هو جنهن تي ڪئناڊا طرفان جوابي ڪارروائي ڪئي وئي هئي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽيل ۽ ايلومينيم جي شعبن لاءِ امڪاني معاهدي تي ڳالهيون ڪيترن ئي هفتن تائين جاري هيون. ٽروٿ سوشل تي جاري بيان ۾ آمريڪي صدر چيو ته ڳالهين ۾ ڪئناڊا جي اختيارين جي سخت رويي جي بنياد تي ڪئناڊا سان واپاري ڳالهيون ختم ڪيون ويون آهن. ڪئناڊا جي حڪومت طرفان آمريڪي صدر جي ان اعلان تي فوري طور تي ڪو تبصرو ناهي ڪيو ويو پر ڪئناڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪي حڪومت سان مختلف واپاري معاهدن تي ڳالهيون ناڪام ٿين ٿيون ته ڪئناڊا پنهنجن مارڪيٽن تائين غير منصفاڻي آمريڪي پهچ جي اجازت نه ڏيندو.