ملڪ ۾ تعليمي نظام کي موثر ۽ جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد-05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومن جي تعمير ۾ استادن جي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته حڪومت جي ترجيح آهي ته ملڪ ۾ تعليمي نظام کي موثر ۽ جديد گهرجن سان هم آهنگ بڻايو وڃي ته جيئن اسان جي نئين نسل دنيا جي علمي ۽ فني ميدان ۾ مقابلو ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهي. نئين نسل جي تعليم ۽ …

اسلام آباد-05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومن جي تعمير ۾ استادن جي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته حڪومت جي ترجيح آهي ته ملڪ ۾ تعليمي نظام کي موثر ۽ جديد گهرجن سان هم آهنگ بڻايو وڃي ته جيئن اسان جي نئين نسل دنيا جي علمي ۽ فني ميدان ۾ مقابلو ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهي. نئين نسل جي تعليم ۽ تربيت ۾ استادن، والدين ۽ معاشري جو مجموعي مثبت ۽ تعميري ڪردار ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ بهترين مستقبل جو ضامن هوندو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف استادن جو عالمي ڏينهن جيڪو 5 آڪٽوبر 2025ع تي ملهايو پيو وڃي، جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته استادن جي عالمي ڏينهن تي پاڪستان دنيا سان هم آواز ٿي سڄي دنيا جي استادن کي خراج عقيدت ۽ سندن ساراهه جوڳين خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي استادن لاءِ هڪ ڏينهن مخصوص ڪرڻ نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا جي استادن جي خدمتن جي اعتراف جو موقعو فراهم ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته اڄوڪو ڏينهن خاص ڪري پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ بي لوث خدمتون سرانجام ڏيندڙ استادن کي پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام طرفان ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته هن سال 2025ع ۾ استادن جو عالمي ڏينهن تعليم کي هڪ گڏيل تعاون ۽ گڏيل پيشي طور اجاگر ڪرڻ جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي جنهن جو مقصد سڄي دنيا جي سمورن استادن، تعليمي ادارن ۽ تعليمي نظام ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي. وزيراعظم چيو ته بهترين ۽ جديد تدريسي نظام ئي ملڪ ۽ قوم جي انفرادي ۽ اجتماعي سگهه ۾ واڌ ڪرڻ سان گڏوگڏ حڪومتي نظام، پاليسيز ۾ بهتري جو سبب بڻجي سگهي ٿو. قومن جي مجموعي تعمير ۽ ترقي ۽ ڪنهن به ملڪ جي نسلن جي انفرادي تعليم ۽ تربيت ۾ استادن جو اهم ڪردار آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي افرادي سگهه جي علمي ۽ فني صلاحيتن جو دارو مدار انهن جي ذهني واڌ ويجهه، عقل ۽ شعور جي معيار تي هوندو آهي جنهن کي نکارڻ ۾ استادن جي محنت فيصلائتي حيثيت رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت جي ترجيح آهي ته پاڪستان ۾ تعليمي نظام کي موثر ۽ جديد دور جي گهرجن موجب بڻايو وڃي ته جيئن اسان جي نئين نسل دنيا جي علمي ۽ فني ميدان ۾ مقابلو ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهي، وزيراعظم چيو ته نئين نسل جي تعليم ۽ تربيت ۾ استادن، والدين ۽ معاشري جو مجموعي طور مثبت ۽ تعميري ڪردار ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي، بهترين مستقبل جو ضامن هوندو آهي. وزيراعظم چيو ته جتي استاد پنهنجون پيشيوراڻيون ذميواريون ۽ نئين نسل طرف پنهنجي فرضن کي احسن انداز ۾ سرانجام ڏئي رهيا آهن اتي مجموعي طور تي معاشري جو هي فرض آهي ته استادن جي عزت، مان ۽ معاشري ۾ احترام ۾ ڪنهن به طور تي ڪا کوٽ نه هجي. وزيراعظم چيو ته استادن جي فني صلاحيت ۾ واڌ ۽ انهن جي معاشي آسودگي جو خيال رکڻ حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن جي ذميوارين ۾ شامل آهي. استادن جي فرضن جي انجام ڏيڻ ۾ معاونت سان انهن جي حقن جي حفاظت به پهرين ترجيح ۾ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته استادن جي حقن ۽ فرضن جي تحفظ لاءِ نه رڳو قومي پر عالمي سطح تي به مجموعي ڪوششن ۽ تعاون جي ضرورت آهي ته جيئن عالمي سطح تي هن طبقي کي موثر بڻائيندي دنيا جي شاندار ۽ روشن مستقبل جي بنياد کي مضبوط ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي ملڪن وچ ۾ استادن جي مٽاسٽا ۽ شاگردن جي عالمي درسگاهن ۾ گڏيل پروگرامن ۾ شرڪت هڪ ساراهه جوڳو عمل آهي جنهن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.

مزید خبریں