اسلام آباد-05 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته استاد اسان جي قوم جي مستقبل جا معمار آهن، قوم جي تعمير ۾ استادن جو ڪردار سڀ کان بنيادي ۽ مقدس آهي. گذريل ڏينهن استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته اڄ جو ڏينهن انهن معمارن جي نالي آهي، جيڪي قوم جي مستقبل کي وائکو ڪن ٿا، استاد علم …
استاد قوم جي مستقبل جا معمار آهن: پروفيسر احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد-05 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته استاد اسان جي قوم جي مستقبل جا معمار آهن، قوم جي تعمير ۾ استادن جو ڪردار سڀ کان بنيادي ۽ مقدس آهي. گذريل ڏينهن استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته اڄ جو ڏينهن انهن معمارن جي نالي آهي، جيڪي قوم جي مستقبل کي وائکو ڪن ٿا، استاد علم جو ڏيئو ٻارين ٿا ۽ دلين کي منور ڪن ٿا، استاد خاموشي سان هر نسل جي تقدير سنوارين ٿا. هن چيو ته قوم جي تعمير ۾ استادن جو ڪردار سڀ کان بنيادي ۽ مقدس آهي، اڄ جو ڏينهن صرف ٿورو مڃڻ جو پر غور جو لمحو به آهي، اسان کي سوچڻو پوندو ته تعليم جي ان مقدس مقصد کي ڪيئن مضبوط بنائي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته مان اڄ گوادر کان گلگت، نارووال کان ڪراچي استادن کي سلام پيش ڪريان ٿو.











