پاڪستان هميشه فلسطيني عوام جو ساٿ ڏيندو رهندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

لاهور -04 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف حماس جي بيان کي جنگ بندي لاءِ اميد جي ڪِرن قرار ڏيندي چيو آهي، ته پاڪستان فلسطين ۾ مستقل امن لاءِ دوست ۽ برادر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته جڏهن کان فلسطيني عوام جي نسل ڪشي شروع ڪئي وئي آهي، اسان جنگ بندي جي سڀ کان وڌيڪ ويجها …

لاهور -04 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف حماس جي بيان کي جنگ بندي لاءِ اميد جي ڪِرن قرار ڏيندي چيو آهي، ته پاڪستان فلسطين ۾ مستقل امن لاءِ دوست ۽ برادر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته جڏهن کان فلسطيني عوام جي نسل ڪشي شروع ڪئي وئي آهي، اسان جنگ بندي جي سڀ کان وڌيڪ ويجها آهيون. هن چيو ته پاڪستان هميشه کان فلسطيني عوام سان گڏ بيٺل رهيو آهي ۽ هميشه انهن جو ساٿ ڏيندو رهندو. وزيراعظم شهباز شريف قطر، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، ترڪيه، اردن، مصر ۽ انڊونيشيا جي قيادت جو شڪريو ادا ڪيو، جن فلسطين مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي صدر ٽرمپ سان ملاقات ڪئي. هن صدر ٽرمپ جو به شڪريو ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته حماس طرفان جاري بيان جنگ بندي لاءِ اميد جي ڪرن آهي ۽ امن کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ رستو فراهم ڪري ٿو، جنهن کي اسان کي ٻيهر بند ٿيڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته انشاالله پاڪستان فلسطين ۾ مستقل امن لاءِ پنهنجي سمورن دوستن ۽ برادر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.

مزید خبریں