لاهور -04 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڄمون ڪشمير ۾ ڳالهين واري عمل جي ڪاميابي، حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي ۽ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي وچ ۾ معاهدي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته امن جو قيام ۽ حالتن جو معمول تي اچڻ سٺو سنئوڻ آهي، حڪومت پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهي، افواهن تي ڌيان نه ڏيو، اسان اڳ به …
وزيراعظم پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي ۽ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي وچ ۾ معاهدي جي آجيان

مزید خبریں
لاهور -04 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڄمون ڪشمير ۾ ڳالهين واري عمل جي ڪاميابي، حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي ۽ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي وچ ۾ معاهدي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته امن جو قيام ۽ حالتن جو معمول تي اچڻ سٺو سنئوڻ آهي، حڪومت پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهي، افواهن تي ڌيان نه ڏيو، اسان اڳ به ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي حقن جا محافظ هئاسين ۽ هميشه انهن جي حقن جو تحفظ ڪندا رهنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبرن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ سندن انفرادي ۽ اجتماعي ڪوششن جي تعريف ڪندي ڀرپور شاباش ڏني. وزيراعظم ان کي پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي وڏي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو ته امن جو قيام ۽ حالتن جو معمول تي اچڻ سٺو سنئوڻ آهي. هن چيو ته سازشون ۽ افواهون آخرڪار ختم ٿي ويون ۽ سمورا معاملا سهڻي نموني حل ٿيا. هن ڳالهين جي ڪاميابي تي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي ميمبرن جو به ٿورو مڃيو ۽ امن جي قيام تي مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير جي مسئلن تي هميشه حڪومت جو ڌيان رهيو آهي ۽ منهنجي حڪومت هميشه ترجيحي بنيادن تي انهن مسئلن کي حل ڪيو آهي.











